دادو: 11 ڪروڙ رپين جي فراڊ ڪيس ۾ فلور ملز مالڪ جمشيد چنه جي ضمانت رد، عدالت مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران گرفتار
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي )دادو:11 ڪروڙ روپين جي فراڊ ڪيس ۾ فلور ملز مالڪ جمشيد چنہ جي ضمانت رد، عدالت مان ڀڄڻ جي ڪوشش دوران گرفتار دادو جي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت 11 ڪروڙ رپين جي فراڊ ڪيس ۾ فلور ملز مالڪ جمشيد چنہ جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته ضمانت رد ٿيڻ بعد جوابدار عدالت مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي،
جنهن دوران پوليس کيس سخت. سيڪيورٽي هيٺ گرفتار ڪري جيل جي ڪسٽڊي حوالي ڪري ڇڏيو. فراڊ ڪيس بابت داخل ٿيل ايف آءِ آر موجب، جمشيد چنہ شهزاد احمد چنہ کان 5 ڪروڙ رپيا ۽ شهباز چنہ کان 6 ڪروڙ 50 لک رپيا وصول ڪيا هئا، جن عيوض هن چيڪ جاري ڪيائين، پر ڏنل چيڪ بئنڪ مان ڪيش نه ٿيا، جنهن بعد متاثر ڌرين پاران جمشيد چنہ خلاف فراڊ جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو،
عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار پاران داخل ڪرايل ضمانت جي درخواست تي دليل ٻڌڻ بعد جج ضمانت رد ڪري ڇڏي. عدالت مان نڪرندي ئي جوابدار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس کيس موقع تي پڪڙي جيل منتقل ڪري ڇڏيو فراڊ ڪيس بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي،
جُون 26, 2025