سکر: 9 مئي احتجاج ڪيس ۾ نامزد 21 جوابدار عدالت مان باعزت بري

Spread the love

سکر(بيورويپورٽ) 9 مئي ڪيس ۾ نازد 21 جوابدار باعزت بري ٿي ويا ان سلسلي ۾ سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي احتجاجي ڪيس ۾ نامزد سڀني 21 ماڻهن کي آزاد ڪري ڇڏيو۔عدالت ثبوتن جي غير موجودگيءَ جي بنياد تي تحريڪ انصاف جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري سنڌ مبين جتوئي، ظهير بابر، عزيز ابڙو ۽ راجيش ڪمار سميت 21 ماڻهن کي ڪيس مان آزاد ڪري ڇڏيو.

عدالتي احاطي ٻهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊووڪيٽ ظهير بابر چيو ته ڪيس جي شاهدن نامزد جوابدارن جي سڃاڻپ نه ڪئي جنهن کانپوء عدالت سڀني جوابدارن کي بي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو۔ 9 مئي تي احتجاج ڪرڻ تي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي سکر جي مختلف ٿاڻن تي ٽي ڪيس داخل ڪيا وياهئا۔

جُون 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو