محسن نقوي جي پي سي بي چيئرمين طور مقرري خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ محسن نقوي جي پي سي بي چيئرمين طور مقرري خلاف داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران درخواستگذار جو وڪيل، پي سي بي وڪيل ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل ارشد ڪياني پيش ٿيا.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته مقرري نگران وزيراعظم ڪئي، جيڪا غير قانوني آهي.
پي سي بي جي وڪيل چيو ته مقرري قانون موجب ٿي، موجوده وزيراعظم به مقرري تي اعتراض نه ڪيو.
قائم مقام چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.