سکر: تعليم کاتي پاران آءِ بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي اميدوارن کي آفر آرڊر جاري
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) ڊسٽرڪٽ آفيسر ايليمينٽري، سيڪينڊري ۽ هائير سيڪينڊري سکر سید غلام مرتضيٰ شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي طرفان آءِ بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي ويٽنگ اميدوارن کي رائونڊ ٿري فيز فائيو تحت آفر آرڊر 30 جون تائين جاري ڪرڻ جو آخري مرحلو سکر ضلعي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي، ان عمل ۾ سکر ضلعي جي چونڊيل نمائندن جو اهم رول آهي، اسان جي ضلعي ۾ ڄاڻايل آخري فيز دوران پي ايس ٽي جون ايلوڪيٽ 293 ۽ جي اي ايس ٽي جون 93 جايون هيون پر ٽيسٽ پاس جن اميدوارن پي ايس ٽي آرڊر تان هٿ کڻي جي اي ايس ٽي طور جوائننگ ورتي، جنهن جي نتيجي ۾ ضلعي اندر پرائمري اسڪول ٽيچر جي خالي جاين جو تعداد وڌي 358 ٿي ويو، اهڙي طرح ايلوڪيٽ جي اي ايس ٽي تعداد 93 مان وڌي 117 ٿي ويو، ضلعي جي چئن تعلقن سٽي سکر،
نيو سکر، روهڙي ۽ پنوعاقل ۾ ويٽنگ پاليسي تحت پي ايس ٽي اميدوارن کي ڊائريڪٽر تعليم پرائمري علي اڪبر ڪلهوڙو ۽ ڊي او پرائمري آصف علي سولنگي سان گڏجي آفر آرڊر ورهايا ويا آهن، جڏهن ته جي اي ايس ٽي جا 115 آفر آرڊر اميدوارن ۾ ورهايا ويا آهن باقي بچيل 2 آفر آرڊر وٺڻ لاءِ اميدوار اپيئر ٿيا هئا پر ڪن سببن ڪري کين آفر آرڊر في الحال جاري ناهن ڪيا، هن ٻڌايو ته اميدوارن جي طرفان پوليس ويريفڪيشن، ميڊيڪل ڪرائڻ سميت ٻيون گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ تعليم کاتي جي مينشن ڪيل (ايس ٽي ايس) لسٽ موجب سندن پوسٽنگ ڪري جوائننگ ڪرائي ويندي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي اسڪولن ۾ بجلي فراهمي جي اشوز کي مد نظر رکندي گهڻي غور فڪر کانپوءِ اسڪولن ۾ سولر سسٽم متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي،
جتي ضرورت هوندي انهن اسڪولن ۾ سولر لڳايو ويندو، پر جن شهري توڙي ٻهراڙي علائقن ۾ بجلي مهيا هوندي اتي سولر نه لڳندو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبي ۾ بغير ڪنهن سفارش جي ٽوٽل ميرٽ تحت تعليم کاتي اندر پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جون هزارين ڀرتيون ڪيون ويون آهن، ان عمل سان اسڪول ڊيش بورڊ تي جيڪي اسڪول ٽيچر ليپس هئا اتي اسان STR لسٽ موجب پوسٽنگ ڪري اسڪول کولي ڇڏينداسون، جنهن ڪري واضع رهي ته ڪنهن به اميدوار جي سندس خواهش موجب پوسٽنگ نه ٿيندي۔
جُون 25, 2025