سکر: پوليس جي ڪارروائي دوران ڊڪيتي جي ڪوشش ناڪام، ٻه ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار

Spread the love

سکر(بيورورپورٽ) سکر پوليس ڊڪيتي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، 02 ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار هٿ۔سکر پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، ٿاڻو پٽني جي حدن ۾ سي پيڪ انٽرچينج وٽ گشت دوران پوليس ۽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٻه ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا، جن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا. زخمي ڌاڙيل ڦر، چوري، ڊڪيتين ۽ پوليس مقابلن سميت ڪيترين ئي سنگين وارداتن جي ڪيسن ۾ گھربل هئا.

گرفتار زخمي ڌاڙيلن جي سڃاڻپ امام بخش لغاري ۽ فدا حسين لغاري جي نالي سان ٿي آهي. گرفتار ٿيلن جي قبضي مان ٻه ٽي ٽي پسٽل، گوليون ۽ هڪ چوري ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. زخمي ڌاڙيلن کي لاڳاپيل اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انهن جي وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ لاءِ مختلف ٿاڻن ۽ ضلعن سان رابطو ڪيو پيو وڃي.ٻئي طرف ايس ايس پي سکر اظهر خان پاران بهادري سان مقابلو ڪندڙ پوليس ٽيم کي شاباشي ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي۔

جُون 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو