چيلهار ويجهو ڳوٺ ٻورلي جلال ڀيل بنيادي سهولتن کان محروم، رهواسين جو چونڊيل نمائندن خلاف احتجاج
چيلهار ( رپورٽ : غلام رسول نهڙيو) چيلهار ويجهو چار سئو گهرن تي مشتمل ڳوٺ ٻورلي جلال ڀيل جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل، ڳوٺاڻا پيئڻ جي پاڻي سميت ڪيترين ئي بنيادي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا، ڀاري اڪثريت سان ڪامياب ٿيندڙ تڪ جي چونڊيل نمائيندن به پوئيواري نه ڪئي رهواسين جون دانهون.
خبر موجب : چيلهار ويجهو چار سئو گهرن تي مشتمل ڳوٺ ٻورلي جلال ڀيل هن جديد دور ۾ به هر بنيادي سهولت کان محروم بڻيل آهي، ڳوٺاڻن جلال ڀيل، سوڍو ڀيل،رڻڇو ڀيل،ايسرو ڀيل،وشنو ڀيل،ڄامون ڀيل ڀاڳچند ڀيل، ۽ ٻين دانهيدي چيو ته اسان هن ترقي يافته دور ۾ به هر بنيادي سهولت کان محروم بڻيل آهيون، تتل اُس ۽ شديد گرمي ۾ 300 سئو فوٽ اونهي کوهه مان پاڻي ڪڍي پيئندا آهيون، کاري پاڻي واپرائڻ جي ڪري رهواسي مختلف بيمارين ۾ پڻ وڪڙجي ويا آهن، سنڌ سرڪار طرفان لڳايل آروپلانٽ پڻ ڪيترن ئي سالن کان فني خرابي سبب ناڪارا بڻيل آهي، ان کان علاوه ڳوٺ ۾ هڪڙي گرلس اسڪول آهي جنهن ۾ اسان هڪ ڏينهن به ليڊي ٽيچر ناهي ڏٺي تعليمي نظام پڻ مڪمل تباهه آهي اسان جي معصوم ٻارن جو مستقبل داء تي لڳل آهي،
ان کان علاوه نه ئي روڊ جي سهولت ۽ نه ئي بجلي جي ڪا سهولت آهي، اسان مختلف وقتن تي اسان جي تڪ جي چونڊيل نمائندن اڳيان بنيادي سهولتن لاءِ دانهون ڪندا رهيا آهيون، پر سياسي چونڊيل نمائندا اليڪشن وقت آسرا ڏئي ووٽ وٺي ويندا آهن ڪامياب ٿيڻ کان پوء اهي حال احوال وٺڻ خوشي غمي ۾ شامل ٿيڻ به مناسب نٿا سمجهن، ڳوٺاڻن دانهيندي وزيراعلي سنڌ تڪ جي چونڊيل نمائندن سوڌو واسطيدار ڌرين کان اپيل ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي اسان کي جياپي لاءِ گهربل بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن…
جُون 25, 2025