سکر: مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن (فنڪشنل) ضلعي مشاورتي اجلاس

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن (فنڪشنل) ضلعي سکر جو مشاورتي اجلاس صوبائي نائب صدر ارباز علي عباسي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. جنهن ۾ فنڪشنل ليگ ضلعي سکر جو صدر فقیر عنایت اللہ ٻرڙو خصوصي طور شريڪ ٿيو، ان کان علاوه نوجوانن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٽن مهينن لاء ايم ايس ايف ضلعي سکر جي آرگنائزنگ ڪميٽي جوڙي وئي.

 اجلاس کي خطاب ڪندي ارباز علي عباسي چيو ته اسين پوري سنڌ ۾ ميمبرشپ مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان سنڌ جي سڀني ضلعن ۽ تعلقن ۾ نيئن تنظيم سازي ڪري رهيا آهيون. ارباز علي عباسي چيو ته اسين پنهنجي قائد پير صاحب پاڳارا ۽ سيد صدرالدين شاھ راشدي جي اڳواڻي ۾ ايم ايس ايف جي پليٽ فارم تان شاگردن ۽ نوجوانن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاء ڀرپور محنت ۽ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. ارباز علي عباسي وڌيڪ چيو ته تعليم سان گڏوگڏ پرامن سياسي ۽ سماجي سرگرمين ذريعي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاء نوجوانن جي تربيت ڪري رهيا آهيو، ڇاڪاڻ ته ايندڙ وقت نوجوانن جو آهي.

جُون 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو