ملير: سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس پاران 27 جون تي گڏاپ ۾ زمينن جي الاٽمينٽ خلاف جلسي جو اعلان
ملير (ڊر ) سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس پاران گڏاپ سٽي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ تحت زمينون ڏيڻ خلاف 27 جون تي جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو
عوامي پريس ڪلب ملير ميمڻ ڳوٺ ۾ جنرل سيڪريٽري سندھ انڊيجينس رائٽس الائنس حفيظ بلوچ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 27جون ڪراچي جي ضلعي ملير ۾ گڏاپ ۾ ٿيندڙ جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ڪنهن به صورت ۾پنهنجي زمينن وسيلن تان هٿ نه کڻندا سين
سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس هميشه پنهنجي ڌرتي جي حفاظت لاءِ جدوجهد ڪئي آهي
سنڌ دشمن منصوبن خلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي ملير جا ساڃاهه وند شهري توڙي وڪيل شاگرد هاري زميندار سياسي سماجي اڳواڻ گڏاپ جلسي ۾ شرڪت ڪندا
گڏيل لاح عمل جوڙڻ وقت جي اهم ضرورت آهي اسان جي پنهنجي درياهه جي به مالڪي ڪرڻي آهي جدوجهد تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه کڻبو
زمينن جي ليز ختم ڪري غير مقامين کي الاٽ ڪيون پيون وڃن جيڪو ڳڻتي جوڳو عمل آهي جيڪڏهن سجاڳ نه ٿياسين ته اسان جون زمينون وسيلا درياھ اسان کان کسيو ويندو جيڪو عمل اسان کان جيئن جي حق کسڻ برابر آهي
جُون 25, 2025