سکر: نيڪاسي ۽ فراھمي آب جا اڌورا ترقياتي ڪم، تعمير ٿيل روڊ تباهه، شهرين کي سخت مشڪلاتون
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر ۾ فراھمي ۽ نيڪالي آب جي لائنن جا ترقياتي ڪم مڪمل نه ٿي سگھيا، شھر جا تعمير ٿيل روڊ کوٽڻ جو عمل جاري، شهرين کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليفن کي منهن، سماجي حلقن پاران مٿين عملدارن کان نوٽيس وٺي ڪم جلد مڪمل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي ان سلسلي ۾ سکر انتظاميا خاص طور تي ميئر سکر جي ڪوششن سان شھر جي مختلف علائقن ۾ نيڪاسي ۽ فراھمي آب جون نيون لائينون وڇائڻ جا منصوبا ڪيترن ئي مهينن کان ٺيڪيدارن ۽ لاڳاپيل آفيسرن جي نااهلي سبب انتهائي سست رفتاري جو شڪار نظر اچي رهيا آهن.
ترقياتي ڪمن جي نالي تي وڏي رقم سان تعمير ڪيل روڊن کي ڪيترائي فٽ کوٽي تباهه ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ٺيڪيدار پاران اهي کوٽيل کڏا ڀرڻ بدران اڌورا ڇڏي ڏنا ويا آهن. تعمير ٿيل روڊن ۽ نالين کي ٽوڙي وري مرمت ڪرڻ جو عمل جاري آهي، جنهن ۾ ناقص پاليسين سان گڏ دير به ٿي رهي آهي. علائقي جي رهواسين، شهرين ۽ مسافر گاڏين کي آمد و رفت ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو پويٿو. علائقي واسين سميت شهرين،
ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنر سکر، ميونسپل ڪمشنر سکر، ميئر سکر، سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي آفيسرن سميت ٻين مٿين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته هو نوٽيس وٺي اڌورا ترقياتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرائي شھرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن۔
جُون 25, 2025