سکر: تجارتي علائقن ۾ ناجائز تجاوزات خلاف آپريشن، پختا تعميرون ڊاهي سامان ضبط، ڏنڊ ۽ چالان لڳايا ويا
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر انتظاميا پاران شھر جي تجارتي ۽ ڪاروباري مرڪزن ۽ اهم شھرائين تي ناجائز تجاوزات خلاف آپريشن جاري آھي، پختا تعميرون ڊاهي پٽ ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته قبضي هيٺ آيل سامان به هٽائي ضبط ڪيو ويو آھي ۽ تجاوزات ڪندڙن کي چالان ۽ ڏنڊ پڻ لڳايا پيا وڃن۔گذريل ڏينهن بلديه اعليٰ سکر جي اينٽي انڪروچمينٽ عملي پاران اسسٽنٽ ڪمشنر عروه الوثقی، آپريشن ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ خالد حسين جتوئي،
اينٽي انڪروچمينٽ انسپيڪٽرز عدنان ميمڻ ۽ ٻين جي نگراني ۾ شھر جي مختلف علائقن گھنٽا گھر، شالميار سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ناجائز تجاوزات خلاف ڊرائيو ھلائي وئي، جنھن دوران درجنين دڪانن ۽ ھوٽلن جي ٻاھر رکيل سامان کي ضبط ڪري ڏنڊ لڳايا ويا۔ساڳئي وقت غير قانوني تعميرات، عارضي تجاوزات ۽ نالين جي مٿان ٺهيل ٿڙا به ختم ڪيا ويا۔ جڏهن ته عملي ۽ پوليس پاران غلط پارڪ ڪيل گاڏين جا ٽائر پچر ڪري،
ڪيتريون ئي گاڏيون تحويل ۾ وٺي لاڳاپيل ٿاڻن حوالي ڪيون ويون۔آپريشن جي حوالي سان اسسٽنٽ ڪمشنر عروه الوثقی، ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ خالد حسين جتوئي ۽ ٻين آفيسرن جو چوڻ هو ته ٽرئفڪ جي رواني کي بهتر بڻائڻ، سخت گرمي ۾ شهرين کي آمد و رفت ۾ درپيش تڪليفن ۽ لاڳيتو ملندڙ عوامي شڪايتن جي روشني ۾ انهن علائقن مان تجاوزات هٽائي پيون وڃن۔
ھنن چيو ته شھر ڀر ۾ روزاني جي بنياد تي بنا فرق آپريشن جاري رهندو، جڏهن ته تجاوزات قائم ڪندڙن ۽ ڪارِ سرڪار ۾ مداخلت ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي۔ ھنن ھدايت ڪئي ته واپاري برادري ۽ دوڪاندار پنھنجي شٽر جي حدن اندر رھي ڪاروبار ڪن، بازارن جي رستن کي کليل رکڻ ۽ عوام جي تڪليفن کي نظر ۾ رکندي سڀني غير قانوني تجاوزات جو خاتمو ڪيو ويندو۔
جُون 25, 2025