سکر: محرم الحرام دوران امن لاءِ علماءَ جو ايس ايس پي سکر سان ملاقات، مڪمل تعاون جو اعلان

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ پيس امن ڪميٽي جي ميمبرن جن ۾ مولانا محمد صالح انڍڙ، حافظ محبوب علي سھتو، مشرف محمود قادري، مولانا عثمان فيضي، مولانا عبدالحميد مھر ۽ ٻين شامل هئا، وفد جي صورت ۾ ايس ايس پي سکر اظھر مغل سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي۔

ملاقات دوران محرم الحرام ۾ سيڪيورٽي انتظامن سميت امن امان جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون۔ ايس ايس پي سکر اظھر مغل چيو ته محرم الحرام انسانيت جي احترام، امن، صبر ۽ برداشت جو درس ڏئي ٿو۔ علما ڪرام جي تعاون سان ئي امن امان کي برقرار رکڻ ممڪن آهي، ڇو ته امن جي فضا قائم رکڻ ۾ علما جو ڪردار انتهائي اهميت وارو آهي۔پرامن معاشري جي قيام لاءِ مذھبي رواداري انتهائي ضروري آھي۔

سڀئي علما ڪرام پنهنجن بيانن ۾ امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏين، ڇاڪاڻ ته اسلام محبت ۽ برداشت جو دين آهي۔ اڄ پاڪستان کي بين المذاهب ۽ بين المسالڪ هم آهنگي جي تمام گهڻي ضرورت آهي۔ محرم الحرام حقيقت ۾ حضرت امام حسينؓ ۽ اهل بيت جي عظيمن قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو مهينو آهي۔

ھن مهيني دوران مسلڪن جي وچ ۾ رواداري ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي اشد ضرورت آهي۔ اسان سڀني کي ذاتي اختلافن کي پاسي تي رکي اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي۔ پيس امن ڪميٽي جي ميمبرن ملاقات دوران محرم الحرام ۾ امن جي قيام لاءِ مڪمل سهڪار ۽ تعاون جو يقين ڏياريو۔

جُون 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو