اسان خلاف غداري ۽ مائنس ون جي مهم هلي رهي آهي: گنڊاپور

پشاور (م ڊ) وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊا پور چيو آهي ته بجيٽ پيش ڪرڻ بعد کان وٺي اسان خلاف غدار ۽ مائنس ون جي مهم هلي رهي آهي، جيڪا مڪمل طور تي بي بنياد ۽ سازشي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن بجيٽ پيش نه ٿئي ها ته پي ٽي آءِ جي واحد صوبي مان به حڪومت ختم ڪرائڻ جي سازش تي عمل ٿئي ها.
علي امين چيو ته سازش تحت معاشي ايمرجنسي لڳائڻ ۽ گورنر جي ذريعي صوبي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي رٿابندي هئي، جنهن کي ناڪام بڻايو ويو. وڏي وزير چيو ته بجيٽ نه پيش ڪرڻ لاءِ باني چيئرمين عمران خان سان ملاقات به نه ٿيڻ ڏني وئي،
جڏهن ته عمران خان ڪڏهن به بجيٽ کان روڪڻ جو نه چيو، جيڪڏهن عمران خان چوي ها ته حڪومت ختم ڪريو، ته مان هڪ منٽ ۾ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيان ها. بجيٽ تي باني چيئرمين سان مشاورت لاءِ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي آهي، سندن هدايتن موجب بجيٽ ۾ تبديليون به ممڪن آهن. هاڻ باني چيئرمين جي هدايت تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويندو ته جيئن ملاقات جي اجازت ملي.
جُون 25, 2025