اداڪار ياسر نواز جو ڀاءُ لاڏاڻو ڪري ويو

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار ۽ هدايتڪار ياسر نواز جي ڀاءُ وقار نواز لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
ياسر نواز انسٽاگرام تي پنهنجي اسٽوري ذريعي اها خبر ڏني ته سندن ڀاءُ وقار نواز وفات ڪري ويو آهي، جنهن جي جنازي جي نماز اڄ ظهر جي نماز کانپوءِ ادا ڪئي ويندي.
مشهور ميزبان ۽ اداڪارا ندا ياسر جي مڙس ياسر نواز پنهنجي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي سندس مغفرت لاءِ دعا گهري، جڏهن ته مداحن کان به درخواست ڪئي ته مرحوم لاءِ دعا ڪن.
ياسر نواز پنهنجي ننڍي ڀاءُ دانش نواز ۽ ڊاڪٽر فراز نواز کي به انسٽاگرام اسٽوري ۾ ٽيگ ڪيو.
اداڪار طرفان ڀاءُ جي موت جي سبب بابت ڪو به بيان نه ڏنو ويو آهي.
سوشل ميڊيا تي مداح وقار نواز جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪري رهيا آهن.

جُون 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو