محرم الحرام لاءِ انتظام: ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد جو امام بارگاهن ۽ سيف سٽي ڪنٽرول روم جو دورو
نواب شاهه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد عبدالصمد نظاماڻي ميئر قاضي محمد رشيد ڀٽي سان گڏجي صفائي، روشني، سيڪيورٽي سميت ٻين انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ مرتضوي امام بارگاهه، سيد هائوس، امام بارگاهه مبللعلوم بارگاهه، حسينيه سجاديه امام بارگاهه ۽ سيف سٽي ڪنٽرول روم جو دورو ڪيو امام بارگاهن جي دوري جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر امام بارگاهن جي منتظمين کان انتظامن بابت معلومات ورتي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ٽائون ميونسپل ڪميٽي جي آفيسرن کي هدايتون ڏنيون ۽ چيو ته محرم الحرام کي نظر ۾ رکندي سڀني امام بارگاهن،
مسجدن، ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جي رستن تي صفائي ۽ روشني جا خاص انتظام ڪيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس پاران محرم الحرام دوران امن امان ۽ ٻين انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. ان موقعي تي ڊي ايس پي پوليس عبدالحميد جلباڻي، ميونسپل ڪمشنر عبدالرزاق شيخ، اسسٽنٽ ڪمشنر نواب شاهه اقبال احمد تنيو، ٽائون چيئرمين اولڊ نواب شاهه محمد حيات ڪاڪيپوٽا ۽ ٻيا عملدار ڊپٽي ڪمشنر سان گڏ ھئا.
جُون 24, 2025