دادو ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ زال مڙس جا گوليون لڳل لاش هٿ، خودڪشي جو شُبھو

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ لونگ چهواڻ ۾ گهر اندر زال مڙس جا گوليون لڳل لاش هٿ، جهلو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زال مڙس جا لاش قانوني ڪاروائي لاءِ دادو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتي ٻنهي زال مڙس جي سڃاڻپ مظهر چهواڻ پٽ عباس چھواڻ ۽ نوجوان ناري خوشبو عرف خوشي چهواڻ طور ٿي آهي، جهلو پوليس موجب ٻنهي جا لاش قانوني ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن،

مقتول نوجوان جي وارثن پيءُ عباس چھواڻ ٻڌايو ته ٻئي زال مڙس مٿي ستل هئا گولين جي آواز تي خبر پئي واقعو خودڪشي آهي پوليس پنهنجي جانچ ڪندي واقعي واري هنڌ کان پسٽل هٿ ڪيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ڏيڍ مهينو اڳ ٻنهي جي شادي ٿي هئي، نڪاح اڳ ٿيل هو، سندن شادي پسند جي ٿيل هئي، زال مڙس پاڻ ۾ خوش هئا، هوڏانهن ٻنهي زال، مڙس جا لاش ڳوٺ پهچڻ تي قهرام مچي ويو هر طرف اک آلي هئي، ٻنهي فوتين جي جنازي نماز ڳوٺ لونگ چهواڻ ۾ ادا ڪرڻ بعد ڳوٺ جي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي،

جُون 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو