دادو: نوراني چوڪ تي هٿياربندن هٿان ڪريانہ اسٽور تي ڦر، واپارين ۽ شهرين ۾ خوف، پوليس کان ڪارروائي جو مطالبو

Spread the love

دادو(رپورٽر) نوراني چوڪ تي هٿياربندن جي هٿان ڪريانہ اسٽور تان ڦر، امن امان جي صورتحال تي سوال،  دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو شهر ۾ امن امان جي صورتحال هڪ ڀيرو ٻيهر داغدار ٿي وئي، جتي ڏينهن ڏٺي جو هٿياربندن نوراني چوڪ تي واقع ڪريانہ اينڊ جنرل اسٽور تي ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اطلاع موجب 2 موٽرسائيڪلن تي سوار 4 هٿياربند اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نوراني چوڪ تي نياز شيخ جي دوڪان تي پهتا، جتي هنن بنا نقاب جي دوڪان جي ملازمن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڇڏيو،

 ڦورن اسٽور ۾ موجود ملازمن جون ٽي موبائيل فونون ۽ خاني مان ڪيش 50 هزار رقم ڦري فرار ٿي ويا. دوڪاندار نياز شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هٿياربند بلڪل بي خوف هئا، جن هٿيار ڏيکاري ملازمن کان موبائيل فون کسي، ۽ دوڪان جي دراز مان هزارين رپين جي رقم کڻي ويا رقم جي ڳڻپ ٿيل نه هئي. واقعي جي اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او اي سيڪشن پوليس پارٽي سان واقعي واري هنڌ پهچي دوڪاندار کان تفصيل ورتا ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

. پوليس جو چوڻ آهي ته ويجهي علائقي ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جون رڪارڊنگون حاصل ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو دادو جي واپارين ۽ شهرين واقعي تي سخت خدشا ظاهر ڪندي پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته شهر ۾ وڌندڙ وارداتن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن،

جُون 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو