دادو: مورو روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر، ٻن نوجوانن جون حياتيون ضايع
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) مورو روڊ تي ٽرڪ جي ٽڪر سان موٽرسائيڪل سوار ٻه نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا دادو شهر ۾ مورو روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 نوجوان ٿڏي تي ئي حياتيون وڃائي ويٺا. پوليس موجب حادثو ايترو اوچتو ۽ شديد هو جو ٻنهي نوجوانن تڏي تي ئي فوت ٿي ويا. واقعي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو منتقل ڪري ڇڏيا. فوت ٿيل نوجوانن جي سڃاڻپ احمد امين عباسي ۽ وزير عباسي طور ٿي آهي،
جيڪي دادو شهر جا رهواسي هئا حادثي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته پوليس موجب ٽرڪ ڊرائيور واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته حادثي بابت قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو,
جُون 24, 2025