مٺي: محرم الحرام جي سيڪيورٽي لاءِ اجلاس، عزادارن جي تحفظ
مٺي (ڊ-ر) ايس ايس پي ٿرپارڪر عادل ميمڻ جي هدايتن تي ڊي ايس پي مٺي ماجد قائمخاني جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي حوالي سان سيڪيورٽي پلان ۽ انتظامن بابت هڪ اهم اجلاس ڪوٺايو ويو. اجلاس ۾ ايس ڊي پي اوز، ايس ايڇ اوز، امن ڪميٽي جا عهديدار ۽ سڀني مڪتب فڪر جا علماءِ ڪرام ۽ اڳواڻ شريڪ ٿيا. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي ايس پي مٺي ماجد قائمخاني چيو ته محرم الحرام دوران عزادارن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو جڏهن ته مجلسن، ماتمي جلوسن، امام بارگاهن، مسجدن ۽ ٻين عبادت گاهن جي مڪمل نگراني ڪئي ويندي ۽ تحفظ لاءِ ضروري اپاءَ ورتا ويندا.
ڊي ايس پي وڌيڪ چيو ته محرم الحرام ۾ سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ مذهبي هم آهنگي برقرار رکڻ لاءِ سڀني مڪتب فڪر جي ماڻهن کي گڏجي امن امان جي صورتحال کي قائم رکڻو پوندو. هن چيو ته محرم جو مهينو اسان کي قرباني، برداشت، ڀائيچاري ۽ ڀائپي جو درس ڏئي ٿو.
ڊي ايس پي سڀني ايس ايڇ اوز ۽ ڊي آءِ بي انچارج کي خاص هدايتون ڏيندي چيو ته محرم الحرام دوران سڀني ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جي بهترين انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سڀني ايس ايڇ اوز کي پنهنجو اسٽاف الرٽ رکڻ جي هدايت پڻ ڏني وئي. محرم الحرام جي دوران شهرن جي بس اسٽاپن، گيسٽ هائوسن،
هوٽلن ۽ مسافرخانن تي سرچ / ڪومبنگ آپريشن ڪيا ويندا. ڊي ايس پي وڌيڪ چيو ته محرم الحرام جي دوران پوليس پاران ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويندو جتي ڪنهن به مسئلي جي حل لاءِ 24 ڪلاڪ آفيسر موجود هوندا. امن امان کي برقرار رکڻ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ پوليس جون پهريون ترجيحون آهن جن تي ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي.
جُون 24, 2025