دادو: جيئي سنڌ انقلابي محاذ جو نالو تبديل، هاڻ نئون نالو “جيئي سنڌ عوامي محاذ” رکيو ويو
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) جيئي سنڌ انقلابي محاذ جي مرڪزي ڪونسل جو اھم پارٽي جي سربراھ غازي خان سولنگي جي صدارت ۾ ٿيو جنھن ۾ مرڪزي عھديدارن ۽ مرڪزي ڪائونسل جي گڏيل صلاح مشوري سان پارٽي جو نالو تبديل ڪيو ويو جيئي سنڌ انقلابي محاظ کي ختم ڪري نئون نالو جيئي سنڌ عوامي محاظ رکيو ويو مرڪزي اجلاس دادو جي ڳوٺ وريام سولنگي ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ نئين سر تنظيمي جوڙ جڪ ڪئي وئي اجلاس ۾ متفقه طور تي فيصلو ڪندي پارٽي جو نالو جيئي سنڌ انقلابي محاذ مان تبديل ڪري جيئي سنڌ عوامي محاذ(جسعم) رکيو ويو ۽ پارٽي جي مرڪزي باڊي جي اليڪشن 17 جنوري 2026 ع تي سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي موقعي تي سن ۾ ٿيندي ھن اجلاس کي خطاب ڪندي پارٽي سربراھ غازي خان سولنگي چيو ته 7 ڪروڙ سنڌين کي پ پ پ گذريل پنجاھ سالن کان وٺي کوکلا دلاسن ۽ نعرا ڏئي قوم بيوقوف بڻايو ويو آھي
سنڌ کي پ پ ٻنھين ھٿن سان لٽي رھي آھي ۽ گڏوگڏ پنجاب سامراج وٽ سنڌ جو پاڻي زمينون وسيلا وڪرو ڪري رهي آھي سنڌ جي اها بد قسمتي رهي آھي جو پ پ پ جي مقابلي ۾ سنڌ ۾ سياسي جماعت اڃا تائين اليڪشني جماعت جو وجود قائم ڪري نه سگھي آھي ۽ اھڙي ڪا ٻي پارٽي ٺھي آھي سنڌي قوم کي هاڻي سنڌ دشمن پارٽي جو ساٿ ڇڏڻو پوندو سنڌ دشمن سازشن ۽ پاليسين کي سمجهڻ لاء سنڌي کي شعوري طور تي اڳتي اچڻو پوندو پ پ پ عوام دشمن ڪردار ادا ڪيو آھي پنجاب سامراج جا ايجنٽ اليڪشني سياست ڪندڙ وڏيرا َپيرَ ميرَ گادي نشين ۽ نام نهاد سردارن سنڌي قوم کي پٺي ۾ ڇرو ھڻندي رھي آھي
پ پ پ پنھنجا اوجھ ڀري ڇڏيا آھن رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي خاندان سميت عبدالواحد آريسر ۽ بشير خان قريشي خلاف نازيبه الفاظن ۽ غليظ الزام هڻي رھيا آھن ۽ پنجاب سامراج جو غلام بڻائي ڇڏيو آھي جڏهن ته سائين جي ايم سيد جو خاندان مخلص سنڌ دوست آھي ۽ ھي خاندان بھترين ۽ سٺي ڪردار جو مالڪ آھي ڪجھ نام نهاد قومپرست ماڻھو جيڪي آمريڪا جپان فرانس ۽ برطانيه ۾ رهن ٿا اهي قوم کي ٻڌائن ته انهن پيسو ڪٿان آندو آھي جڏهن ته پاڪستان جي رياست جيڪا اسلام جي نالي تي وجود ۾ آندي وئي ۽ اها ئي مذھب جي آڙ ۾ سنڌين سان ويساھ گهاتيون ڪري پئي ۽ اڄ به سنڌين سان ناانصافين جو اڻکٽ سلسلو جاري ساري آھي رياستي سرپرستي ۾ انتها پسند مولوي زبردستي سنڌي هندن جي نياڻين کي زوري اغوا ڪري اسلام تبديل ڪرائي رهيا آھن جيڪا اسلامي اصولن جي نفي آھي رياست پاڪستان اسلامي هجڻ جي دعويدار ته آھي پر اسلامي ملڪ ايران جي مدد ڪرڻ کان آمريڪا جهڙي اسلام دشمن ملڪ کان ڊڄندي خاموش تماشائي بڻيل آھي هن وقت اسلامي ملڪن خاص ڪري پاڪستان کي ايران جي کليل مدد ڪرڻ گهرجي جيئن آمريڪا اسرائيل جي مدد ڪري رهيو آھي نه ته تاريخ پاڪستان کي اسلام دشمن رياست لکندي اجلاس ۾ مرڪزي ڪائونسل جي اڳواڻن اياز ملاح اسرار سنڌي شاهد باجڪاڻي منظور چانڊيو حڪيم بشير بروهي لاهوتي ممتاز سولنگي شبير انقلابي حبيب الله سولنگي اياز ٿيٻو اعجاز سولنگي احمد ابڙو طارق سولنگي سميت مرڪزي قيادت اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
جُون 24, 2025