آمريڪا ايران جنگ:پاڪستان لاءِ مشڪل ترين گهڙي؟

اسلام آباد(ويب ديڪس)اسرائيل ايران جنگ ۾ آمريڪا جي شموليت کانپوءِ هاڻي پاڪستان لاءِ ڳنڀير صورتحال پيدا ٿي وئي آهي،ايران سان پاڪستان جون نه رڳو سرحدون ملن ٿيون پر ٻنهي ملڪن ۾ مذهبي ۽ ثقافتي طور تي ڀائپي وارا لاڳاپا آهن،اها جنگ جيڪڏهن وڌي ٿي ته پوءِ پاڪستان ڪهڙي پاسي بيٺل هوندو؟ اهو ملين ڊالر جو سوال آهي،پاڪستان لاءِ هن وقت مشڪلترين صورتحال آهي،اسان سدائين آمريڪا جي پاسي رهيا آهيون،نه آمريڪين جو اسان کان بغير نه اسان جو انهن کان بغير گذارو ٿيو آهي،هن وقت آمريڪا کي پاڪستان ۾ اربين ڊالرز جا معدني ذخيرا نظر اچن ٿا ٻيو ڪرپٽو جي حوالي سان تازو واشنگٽن ۾ معاهدا ٿيا آهن،جنهن جي ڪري عالمي سطح تي اسان کي ڀارت مٿان سفارتي برتري حاصل ٿي آهي،جڏهن ته پاڪستان ايران تي اسرائيلي حملن ۽ بعد ايران تي آمريڪي حملن جي سخت مذمت ڪئي،هن وقت تائين پاڪستان ايران جي زبردست حمايت ڪئي آهي اهو تمام بهترين فيصلو هو جنهن جي ايراني به مڃي رهيا آهن ۽ ايراني پارليامينٽ ۾ پاڪستان ايران دوستي زندهه باد جا نعرا به لڳا،ايراني هڪ باغيرت ۽ خوددار قوم آهن،
جُون 24, 2025