آبنائي هرمز بند ٿيو ته يورپ آمريڪا جو محتاج بڻجي ويندو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ديڪس) ايران تي دٻاءُ وڌي ويو آهي ته هو آبنائي هرمز کي بند نه ڪري، جڏهن ته ايراني سپريم ليڊر کي ان سلسلي ۾ مڪمل اختيار حاصل ٿي ويا آهن. جيڪڏهن ايران آبنائي هرمز بند ڪري ٿو ته يورپ کي پنهنجي گيس ۽ تيل جي ضرورتن لاءِ آمريڪا تي ڀاڙڻو پوندو، جيڪو مهانگو پوندو ۽ ان سان گڏ يورپ جو عالمي حيثيت تيز متاثر ٿيندي. چين روس تي ڀاڙي وٺندو پر ان صورتحال ۾ يورپ کي نه رڳو توانائي جي بحران ٿيندو پر سياسي طور به آمريڪا آڏو وڌيڪ ڀاڙڻو پوندو. اهڙي صورتحال سان يورپ يتيم ٿي ويندو. ٻئي طرف، ريڊ سي ۾ حوثي باغين جي طرفان واپار جي روٽن جي بندش سان به عالمي سطح تي تيل جي رسد متاثر ٿيڻ جا خطرا وڌي ويا آهن. ريڊ سي ۾ موجود ست اهم فوجي ۽ تجارتي بيسز تي بمباري ٿي ته سعودي عرب مان تيل جي ترسيل مڪمل طور بند ٿي سگهي ٿي، جنهن سان تيل جي قيمتن ۾ 100 ڀيرا اضافي جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. موجوده حالتن ۾ عالمي مفاد ان ڳالهه ۾ آهي ته ايران ۽ اسرائيل جو وڌندڙ تڪرار روڪيو وڃي. ايران پنهنجو موقف واضع ڪري ڇڏيو آهي ته هو جواب ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته جيڪڏهن اسرائيل کي گڏجي نه روڪيو ويو ته عالمي سطح تي نه رڳو توانائي جو بحران ٿيندو پر بک جي خطرناڪ لهر به پکڙجي سگهي ٿي.

جُون 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو