ٽرمپ لاءِ نوبل انعام:پاڪستان جي موقف تي ٽرمپ ناراض؟

Spread the love

اسلام آباد(ويب ديڪس)پاڪستان طرفان پهريان ٽرمپ کي نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪيو ويو، پر جيئن ئي آمريڪا ايران تي حملو ڪيو، پاڪستان ان جي سخت مذمت ڪئي۔آمريڪي ميڊيا، خاص طور تي فاڪس نيوز چئنل جيڪو ٽرمپ جو حامي سمجهيو ويندو آهي، ان هن تضاد کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي پاليسي “فِپ فلاپ” (يعني مستقل نه هجڻ) واري آهي،صحافي ڊينيئل ويليس چيو ته  هڪ ڏينهن ٽرمپ کي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪيو ويندو آهي، ٻئي ڏينهن ان جي جنگي عملن جي مذمت ڪئي وڃي ٿي، ته پوءِ ٽرمپ ڪهڙي پوزيشن کي مڃي؟  فاڪس نيوز مطابق، ٽرمپ کي پاڪستان جي ”ٻٽي پاليسي“تي شديد اعتراض آهي۔

جُون 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو