ايران تي ٿيل حملن ۾ آمريڪا جي اسان ڪا به مدد نه ڪئي:پاڪستان

اسلام آباد(ويب ديڪس) پاڪستاني اختيارين انهن دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي جيڪي سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيا آهن، جن موجب پاڪستان آمريڪا کي ايران جي جوهري تنصيبات تيفوجي حملي لاءِ پنهنجي فضائي حدن يا علائقي جي اجازت ڏني، اختيارين انهن رپورٽن کي سراسر غلط ۽ بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان نه ته آمريڪا کي پنهنجي فضائي حد استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، نه ئي پنهنجي بحري علائقي مان ڪا اهڙي مدد فراهم ڪئي وئي آهي، اهو وضاحتي بيان ايران جي جوهري تنصيبات تي آمريڪي حملن کانپوءِ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ سامهون آيو آهي، حڪومت ميڊيا ۽ عوام تي زور ڀريو آهي ته ڪنهن به خبر کي شيئر ڪرڻ کان اڳ تصديق ٿيل ذريعن ۽ سرڪاري چينلن تان معلومات جي پڪ ڪئي وڃي، ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٽروٿ سوشل پليٽفارم تي ايران خلاف فضائي ڪارروائي جي ڪاميابيءَ جو اعلان ڪندي ٻڌايو هو ته انهن حملن ۾ ايران جا ٽي اهم جوهري مرڪز، فردو، نطنز ۽ اصفهان نشانو بڻايا ويا.
جُون 24, 2025