نوابشاھ ۾ آمريڪي جارحيت خلاف جماعت اسلامي جو احتجاج، ايران ۽ فلسطين سان يڪجهتي جو اظهار
نوابشاھ (رپورٽ: عبدالفتاح رند) امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان جي سڏ تي، ملڪ جي ٻين شهرن وانگر نوابشاھ ۾ به ايران تي آمريڪي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هي مظاهرو ترازو چوڪ تي منعقد ٿيو، جنهن جي اڳواڻي ضلعو نائب امير جماعت اسلامي سرور احمد قريشي، جنرل سيڪريٽري فيصل همایون ۽ شھر جي امير نجف رضا ڪئي.
ان موقعي تي خطاب ڪندي سرور احمد قريشي چيو ته “آمريڪا دنيا جو سڀ کان وڏو دهشتگرد ملڪ آهي، جنهن عراق، افغانستان، ليبيا ۽ بوسنيا ۾ لکين مسلمانن کي شهيد ڪيو.” هن وڌيڪ چيو ته “ايران تي تازو حملو به اسرائيل جي اشاري تي ڪيو ويو آهي، ڇو ته اسرائيل ايران خلاف جنگ مڙهڻ چاهي ٿو، پر ان کي شڪست ملي رهي آهي، جنهن ڪري آمريڪا مدد لاءِ سامهون آيو آهي.”
شھر جي امير نجف رضا خطاب ڪندي چيو ته “اسان کي پاڻ ۾ اتحاد قائم رکڻو پوندو، ڇو ته دشمن مسلڪ جي نالي تي مسلمانن کي ورهائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته جماعت اسلامي اتحاد امت جي علمبردار جماعت آهي.” هن اهو به چيو ته “اسرائيل اڃا تائين غزه ۾ درجنين فلسطينين کي شهيد ڪري رهيو آهي، پر فلسطيني بي سروساماني جي باوجود مزاحمت جاري رکيو پيا وڃن.”
مظاهري دوران ماڻهن هٿن ۾ ايران ۽ فلسطين جا جهنڊا کڻيا هئا ۽ آمريڪا، اسرائيل ۽ ڀارت خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي.
جُون 23, 2025