شھيد بينظيرآباد ۾ ووٽر آگاھي لاءِ اجلاس، شناختي ڪارڊ ۽ ووٽ رجسٽريشن ڪيمپن تي غور
واب شاه ( رپورٽ :عبدالفتاح ) ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر شھيد بينظيرآباد محمد يوسف مجيداڻو جي صدارت ھيٺ ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جو اجلاس اڄ سندس آفيس ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري محمد سليم ڀٽي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر فوزيہ مستوئي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر چائلڊ پروٽيڪشن آصف خٽڪ،
انچارج وومين ڪمپلينٽ سيل زيب النساء، ماسٽر ٽرينر فرحانه ناز صديقي، ڊپٽي ڊائريڪٽر پاپوليشن جاويد ملاح، اسسٽنٽ پروفيسر عبيدالله ماڇي، سپرنٽينڊنٽ نادرا سڪندر علي ۽ مسرور ميمڻ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر محمد يوسف مجيداڻو چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ھدايتن تي ضلع اليڪشن ڪمشنر آفيس پاران مختلف کاتن جي تعاون سان عوام خاص ڪري نوجوانن کي ووٽ جي رجسٽريشن،
داخلا ۽ استعمال بابت آگاھي فراھم ڪرڻ لاءِ ضلع جي مختلف سرڪاري کاتن ۽ تعليمي ادارن ۾ آگاھي سيمينار منعقد ڪيا ويا آھن جڏھن ته نادرا جي تعاون سان مختلف علائقن ۾ عوام کي قومي شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ لاءِ پڻ رجسٽريشن موبائل وين تحت ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن جتي ڪيترن ماڻھن کي گھر جي درن تي قومي شناختي ڪارڊ ٺھرائي ڏنا ويا آهن
ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ڪميٽي ميمبرن تي زور ڀريو ته ھو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو ساٿ ڏيندي پنھنجي علائقن جي عوام خاص ڪري پٺتي پيل علائقن جي عوام کي ووٽ جي رجسٽريشن، داخل ۽ استعمال بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءَ قدم کڻن اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن پاران ووٽ جي رجسٽريشن بابت پنھنجون تجويزون ۽ ھر ممڪن جو يقين ڏياريو ويو.
جُون 23, 2025