سکر ۾ سول ڊفينس جو اجلاس، محرم الحرام دوران فرسٽ ايڊ ڪيمپس لڳائڻ جو فيصلو، رضاڪارن کي تيار رهڻ جي هدايت

Spread the love

سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سول ڊفينس  جو اجلاس سول ڊفينس آفيس سکر ۾ ايڊيشنل ڪنٽرولر اميرالدين عباسي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ هر سال جيان محرم الحرام ۾ هن سال به عزاداران حضرت امام حسين رضي الله عنه کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ لاءِ فرسٽ ايڊ ڪيمپ لڳائي ويندي. 5 محرم الحرام تي پراڻي سکر ۾ ۽ 10 محرم تي سکر ۾ ، ڊپٽي چيف وارڊن ڊاڪٽر سعيد اعواڻ فرسٽ ايڊ ڪيمپ جي انچارج هوندو.  سمورن رضاڪارن کي گهرايو ويو.ڊيوٽي ليٽر جاري ڪيا ويا.اجلاس ۾ گروپ وارڊن محمد احمد شيخ،پوسٽ وارڊن آغا اڪرم دراني،

حاجي رياض کوکر،،محمد عدنان شيخ،طاهر رانا،حامد ميمڻ،محمد ياسين،ادريس کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.ڊپٽي ڪنٽرولر امير الدين عباسي. هن چيو ته محرم جو مهينو اسان کي صبر ۽ برداشت جو درس ڏئي ٿو، ان ڪري اسان کي هر قسم جي شرپسند عنصرن کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻي آهي.  سول ڊفينس هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج سميت ٻين ادارن سان گڏ بيٺل آهي.سول ڊفينس  اڄ جي دور ۾ خدمت جو بهترين پليٽ فارم آهي، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ سمورن رضاڪارن کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام دوران ماحول تي نظر رکون، شهري تحفظ اسان جي ذميواري آهي.

جُون 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو