ايران خلاف آمريڪي جارحيت جي خلاف جماعت اسلامي سکر جو احتجاج، عالمي برادري کان مداخلت جو مطالبو

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) ايران تي آمريڪي جارحيت خلاف جماعت اسلامي جي مرڪزي ملڪ گير احتجاجي سڏ تي جماعت اسلامي سکر پاران سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي جماعت اسلامي جي اڳواڻ حزب الله جکرو ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي ڪارڪنن سميت شهرين جو وڏو انگ به موجود هو.

مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيا هئا، جن تي آمريڪا مخالف نعرا ۽ ايران سان يڪجهتي جا پيغام لکيل هئا. مظاهرين ايران خلاف ڪنهن به قسم جي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي لتاڙ قرار ڏنو.هنن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو آمريڪا جي عملن جو نوٽيس وٺي ۽ وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو مؤثر ڪردار ادا ڪري.

احتجاج کي خطاب ڪندي حزب الله جکرو چيو ته ايران هڪ خودمختيار ملڪ آهي ۽ ان جي خلاف آمريڪا جي جارحيت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.هن چيو ته آمريڪا جو رويو هن خطي ۾ بيچيني ۽ بدامني پکيڙي رهيو آهي، تنهنڪري مسلمان ملڪن کي گهرجي ته هو اتحاد جو مظاهرو ڪندي آمريڪي جارحيت خلاف واضح مؤقف اختيار ڪن.هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي هر سطح تي مظلومن جو ساٿ ڏيندي رهندي ۽ آمريڪا سميت ڪنهن به عالمي طاقت جي مسلم دنيا خلاف جارحاڻين پاليسين کي بي نقاب ڪندي رهندي.

جُون 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو