مٺي ۾ رٽائرڊ استادن جو احتجاج، جائز حقن لاءِ بک هڙتالي ڪيمپ قائم
مٺي (ڊ-ر) گورنمينٽ رٽائرڊ ٽيچرز ايسوسيئشن پاران مٺي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪندي احتجاج ڪيو ويو. انهي موقعي تي ڳالهائيندي گرٽا اڳواڻن نواز جوڻيجو ، غلام علي ساهڙ، ابراهيم ، محمد طيب ، غلام نبي ساهڙ ، ڀورو سوٽھڙ ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي رٽائرڊ استادن سان ناانصافي ٿي رهي آهي. ٻين صوبن ۾ رٽائرڊ استادن توڙي ٻين ملازمن کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن پر سنڌ ۾ اڃا تائين بينوئل فنڊ، گروپ انشورنس، ٽائم اسڪيل، ڊسپرٽي ريڊڪيشن الائونس ،
اولاد لاءِ نوڪري جي ڪوٽا ناهي ملي سگهي تازو حڪومت پاران پينشن ۾ واڌ ڪئي وئي آھي جيڪا به نه هئڻ جي برابر آھي پينشن کي ٻيڻ تي وڌايو وڃي ۽ رٽائرڊ ملازمن کي صحت ڪارڊ ۽ نئين پينشن پاليسي منظور ڪئي وڃي. گرٽا جي اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن جلد سندن جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس ۽ سنڌ اسيمبلي اڳيان جلد احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.
جُون 23, 2025