آمريڪي بي-2 بمبار جهازن پاڪستاني حدون استعمال ڪيون يا نه؟ وڏي خبر اچي وئي

Spread the love

اسلام آباد (م ڊ) ايران تي آمريڪي هوائي حملي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پاڪستانخلاف هلندڙ پروپيگنڊا مهم بابت سيڪيورٽي ذريعن وضاحت ڪئي آهي ته آمريڪي بي-2 بمبار جهازن پاڪستان جون فضائي حدون استعمال نه ڪيون، نه ئي ايران خلاف زمين،

فضا يا سامونڊي علائقو استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان هر عالمي فورم تي ايران خلاف اسرائيلي حملن جي مذمت ڪئي آهي ۽ ايران جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پاڪستاني پرڏيهي وزارت به واضح ڪيو آهي ته پرامن ايٽمي توانائي تي آمريڪي حملا ناقابل قبول آهن،

ايران کي گڏيل قومن جي منشور تحت پنهنجي دفاع جو مڪمل حق حاصل آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان نه ڪنهن بلاڪ سياست جو حصو آهي، نه ئي ڪنهن ٻئي ملڪ جي فوجي تڪرار ۾ شامل ٿيندو.

جُون 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو