حڪومت ٽرمپ لاءِ نوبل انعام جي سفارش واپس وٺي: فضل الرحمان

اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت کان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ نوبل انعام جي سفارش واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ٽرمپ جي هٿن تي فلسطيني، عراقي، افغاني ماڻهن جو رت آهي، ايران تي حملو ڪري هن قومي ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي. مري جي علائقي پھگواڙي ۾ جمعيت جي پنجاب جنرل ڪائونسل اجلاس کي خطاب ڪندي فضل الرحمان چيو ته اسان ايران جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪريون ٿا،
جيڪڏهن ايران جي تائيد نه ڪريون ته ڇا اسرائيل جي حمايت ڪريون؟ هن چيو ته آمريڪا سان دوستي جا حامي آهيون، غلامي جا حامي ناهيون، ۽ آمريڪا سان لاڳاپن ۾ قومي خودمختياري، معاشي آزادي ۽ عوامي حق لازمي هجڻ گهرجن. فضل الرحمان الزام هنيو ته ملڪ ۾ فرقي واريت عالمن ۽ مدرسن جي نه پر اسٽيبلشمينٽ جي ضرورت آهي، رياست ۽ سياست جي وچ ۾ واسطو ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. اسٽيبلشمينٽ فرقي واراڻن عنصرن جي سرپرستي ڪري ٿي ۽ فرقي واريت لاءِ رستو هموار ڪري ٿي. هن چيو ته تعليمي دنيا ۾ ديني ۽ دنياوي جي ورڇ انگريز جي ايجاد آهي،
مدرسن جي آزادي ۽ خودمختياريتي سوديبازي قبول نه ڪندسين. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ غير شرعي ۽ آئين خلاف قانونسازي ڪئي پئي وڃي. ڀارت سان ڇڪتاڻ تي ڳالهائيندي هن چيو ته مودي جو دور ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي ڀارت کي سوچڻو پوندو، جنگ ۾ پاڪستان متحد ۽ مودي اڪيلو ٿيو. فضل الرحمان چيو ته ايران تي حملو چين جي معاشي واڌ کي روڪڻ جي ڪوشش آهي، خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڪستان جي معاشي قوت متاثر ٿي، معاشي توازن يورپ بدران ايشيا منتقل ٿي رهيو آهي جيڪو سٺو سنوڻ آهي.
جُون 23, 2025