نوابشاهه: بلوچ ڪالوني واسڻ عورتن جو پريس ڪلب آڏو احتجاج، نوجوان توفيق بلوچ جي بازيابي جو مطالبو
نوابشاهه (رپورٽ :عبدالفتاح رند )نوابشاهه جي علائقي بلوچ ڪالوني جي رهواسين عورتن فريم بلوچ، ماه گل ۽ سمرين بلوچ نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته قاضي احمد پوليس ٽي ڏينهن اڳ سندن نوجوان توفيق احمد بلوچ کي بنا جواز گهر ٻاهران گرفتار ڪري کنڀي وئي آهي.
احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته پوليس نوجوان کي گرفتاري بعد مبينا طور تي لاڪپ ۾ بدترين تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب سندس زندگي خطري ۾ آهي. انهن چيو ته نوجوان بيگناهه آهي ۽ پوليس پاران هن سان زيادتي ڪئي پئي وڃي، جيڪا انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي.
وارث عورتن ايس ايس پي نوابشاه کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي معاملي جو نوٽيس وٺي نوجوان کي آزاد ڪرائي انصاف مهيا ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
جُون 22, 2025