ملير: سينيئر صحافي غلام علي گوندر جي گهر تي حملي جي سخت مذمت، صحافين پاران جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي)  ملير جي سينيئر صحافي غلام علي گوندر جي گهر تي حملو، گهر واري زخمي ،صحافي کي موت مار ڌمڪيون، عوامي پريس ڪلب ملير جو هنگامي اجلاس، جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو، وحيد گوندر رياض گوندر جي چوڻ تي منهنجي غير موجودگي ۾ گهر ۾ گهڙي گارگند ڪئي ۽ منهنجي گهرواري تي تشدد ڪيو، آئي جي سنڌ، ايس ايس پي ملير فوري طور تي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪن، غلام علي گوندر جي پريس ڪانفرنس تفصيل موجب عوامي پريس ڪلب ملير جي جوائنٽ سيڪريٽري غلام علي گوندر جي گهر تي حملو ڪيو ويو آهي،

ان سلسلي ۾ عوامي پريس ڪلب ملير واقعي جي سخت مذمت ڪندي گڏيل هنگامي اجلاس ۾ جوابدارن وحيد گوندر ۽ رياض گوندر جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي، صحافي غلام علي گوندر هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو آهي ته وحيد گوندر ذاتي مسئلن کي بنياد بڻائيندي گذريل ڏينهن منهنجي ڳوٺ نوشيروان گوندر پهتو جنهن کي علائقي جي بااثر رياض گوندر جي پٺڀرائي حاصل آهي جنهن منهنجي گهر اندر داخل ٿي منهنجي غير موجودگيءَ ۾ منهنجي بيمار گهرواري تي تشدد ڪيو جنهن سبب هو بيهوش ٿي وئي،

اطلاع ملڻ تي فوري طور گهر پهتس ۽ زخمي ٿيل گهرواري کي اسپتال پهچائي علاج ڪرايو، هن چيو ته ته هن اخلاقي طور راڄ جي چڱن مڙسن کي دانهن ڏني آهي پر حملي آور ڪنهن جي به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن، مجبور ٿي سندن خلاف ڪارروائي لاءِ پنهنجي اداري پهتو آهيان ۽ مطالبو ڪريان ٿو ته آئي جي سنڌ، ايس ايس پي ملير ، ايس ايڇ او گڏاپ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪن، واقعي خلاف عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر جمشيد زهراڻي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مرحلي وار تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جُون 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو