ملير: “منهنجا مارو ملير جا” پاران ايمبولينس سروس جو افتتاح، علائقو واسين لاءِ 24 ڪلاڪ سهولت فراهم
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ملير ۾ سماجي تنظيم منهنجا مارو ملير جا طرفان گلشنِ حديد ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي عوام جي سهولت لاءِ ايمبولينس سروس جي افتتاحي تقريب شهباز پيٽرول پمپ لڳ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ريسڪيو 1122 جي زونل مئنيجر سلمان خان، ڊسٽرڪٽ آفيسر زوهيب ميمڻ، يوسي اسٽيل ٽائون چيئرمين رضا جتوئي، پيپلز ليبر بيورو ملير جي صدر ڌڻي بخش سمون، منهنجا مارو ملير جا جي صدر عرفان عباسي ،جنرل سيڪريٽري سيد شبير احمد شاھ سميت تنظيمي عهديدارن ،
ميمبرن ۽ علائقي معززن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب جو باقائده افتتاح ريبن ڪاٽي ڪيو ويو ۽ دعا ڪئي وئي جنهن بعد ريسڪيو 1122 جي آفيسرن، حڪومتي نمائندن ۽ تنظيمي اڳواڻن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي انتهائي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته گلشنِ حديد سميت ڀرپاسي واري علائقن جي ماڻهن لاءِ اِها سروس 24 ڪلاڪ موجود هوندي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي فوري طور منهه ڏئي سگهجي عرفان عباسي جو چوڻ هو ته اسان جي اِها ڪوشش آهي ته علائقي جي عوام کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرايون جيڪو سندس بنيادي حق آهي
جنرل سيڪريٽري سيد شبير احمد شاھ چيو ته ايمبولينس علائقي جي عوام جي اهم ضرورت هئي جيڪا فراهم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته علائقي واسين جي ضرورت جون ٻيون سهولتون به لاڳاپيل ڌرين سان ڳالهائي حل ڪرايون ان موقعي تي بخشيل سيال، خليل چانڊيو، عبدالرسول بلالي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
جُون 22, 2025