ملير: آمريڪا-ايران تڪرار، نذير چنا جو سخت ردعمل، اسرائيل جي خاتمي ۽ غازا جي آزادي جي اڳڪٿي

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) آمريڪا ايران جي ايٽمي هٿيارن تي سڌو سنئون حملو ڪري سامراجيت، فسطائيت، انسان دشمني جو کليو ثبوت ڏنو آهي، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل کي ذلت آميز شڪست نصيب ٿيندي اهڙن خيالن جو اظهار دانشور ۽ منصور حلاج فائونڊيشن جي چيئرمين نذير چنا عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ آمريڪا جي صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي نوبل پرائز لاءِ سفارش ڪري دنيا ۾ پاڻ کي ڏٺو ڪيو آهي شڪر آهي جو پاڪستاني وزيراعظم هندوستان جي وزير اعظم نريندر مودي ۽ اسرائيل جي وزير اعظم نيتن ياهو کي نوبل پرائز لاءِ تجويز نه ڪيو آهي،

 آئون مطمئن آهيان ته مون هڪ هفتو اڳ اهڙي پارٽي تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي، هن وقت اسرائيل ۽ ايران جي جنگ ۾ آمريڪا طرفان حصو وٺڻ کان پوءِ سڄي دنيا ائٽمي جنگ ڏانهن پيش قدمي ڪري رهي آهي جنهن جا نتيجا انتهائي خطرناڪ نڪرندا، انسان دشمن ٽرمپ پوري دنيا کي خاتمي واري جنگ جي ڪناري آڻي بيهاري ڇڏيو آهي، پر تاريخ پنهنجو فيصلو ٻڌائڻ واري آهي ته اسرائيل جو خاتمو لازمي ٿيندو، غازا آزاد ۽ ايران سرخرو ٿيندو مسلمان ملڪ خاص طور تي عرب ملڪن جي بي حسي ۽ منافقي چٽي ٿي سامھون ايندي،

 هن چيو ته آئون ايران جي مستقل مزاجي عوام جي بهادري ۽ سر تري تي رکي وطن لاءِ وڙهندڙ فوجين کي سلام پيش ڪيان ٿو، آئون سڄي دنيا جي اديبن دانشورن خاص طور تي يورپ جي دانشورن سميت ارون دتي راءِ جو ٿورائتو آهيان جيڪي عوام جي حقن لاءِ ڳالهائي رهيو آهي ساڳي وقت پاڪستان جا پاڻ مرادا ترقي پسند دانشور ۽ آمريڪي امداد تي هلندڙ اين جي اوز تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو جيڪي آمريڪي ڊالر عيوض چپ سبي خاموش آهن اسان سمورن انصاف پسند مظلومن جي حامي انسانن توڙي ملڪن کي موجوده جنگ ۾ سامراج سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ايران ۽ غازا سان سهڪار ڪرڻ گهرجي.

جُون 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو