نوابشاهه: اشرف ڪالوني واسين جو احتجاج، ڌيءَ ۽ سندس مڙس تي گهر ۽ سون کپائڻ جا الزام، تحفظ ۽ انصاف جي اپيل
نوابشاھ( رپورٽ عبدالفتاح رند) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد اشرف ڪالوني جي رهواسي عورتن ۽ مردن، محمد رفيق آرائين پنهنجي زال مريم بي بي، ۽ ڌيءَ صوبيه، ۽ پٽ، شبير آرائين سان گڏ نوابشاھ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نياڻي، صائمه، پنهنجي مرضي سان 2019 ۾ سڪرنڊ جي رھواسي سان شادي ڪئي هئي ۽ ھاڻي منهنجو نياڻو صدام حسين خاصخيلي ولد گل محمد فراڊ ڪري اسان جو گهر ۽ 5 تولا سون کپائي ڇڏيون ھيو ان جي ايف آئي آر بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل آهي ۽ ان جو ڪيس ڪورٽ سڳوري ۾ ھلندڙ آهي ۽ صدام حسين خاصخيلي ھاڻي اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ڪيس تان هٿ کڻو ان جي به اينسي بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل آهي پر پوليس ان خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ ھاڻي وري صائمه،
صدام حسين خاصخيلي سان ملي ڪري اسان جي اشرف ڪالوني واري گهر تي به قبضو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ مار ڪوٽ ڪري ٿو ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته گهر خالي ڪيو، انھن ڊي آئي جي، ۽ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته صدام حسين خاصخيلي، ۽ صائمه خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي
جُون 22, 2025