مٺي: مينگهواڙ پريميئر ليگ جي ٽين مئچ مڪمل، يو ڪي ٽائيگر فائنل ۾ ڪامياب، اشوڪ پولارڊ مين آف دي مئچ قرار

Spread the love

مٺي(ڊ-ر) مينگهواڙ پريميئر ليگ جو ٽيون مئچ ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو، 6 ڏينهن جي نائيٽ ٽورنامينٽ دوران ڪُل 12 ٽيمن حصو ورتو، فائينل مئچ يو ڪي ٽائيگر ۽ مينگهواڙ سپر ڪنگ جي وچ ۾ کيڏيو ويو جنهن ۾ يو ڪي ٽائيگر پهرئين بيٽنگ ڪندي ٽوٽل 80 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جواب ۾ سپر ڪنگ 56 رنسن تي هارائي وئي ڏنل حدف پورو ڪري نه سگهي،

جڏھن ته اشوڪ پولارڊ بھترين بالنگ ڪندي 5 وڪيٽون ورتيون ۽ مين آف دي مئچ رھيو، ٻي پاسي مقابلو کڏيندڙ ٽيم يو ڪي ٽائيگر جي ڪاميابي تي آرگنائيزن پ پ پ اڳواڻ راهول جيوڻ، راجيش کوکر، اسسٽنٽ ڪمشنر سنجئه ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر راجيش ۽ ٻين ڪيش انعام ۽ ٽرافيون ڏنيون. ان موقعي تي پروفيسر چمن لال مينگهواڙ، نانڪ رام مينگهواڙ، ڀورا لال سنڌي، ڪائونسلر کاٽائو مکي ۽ پڻ شرڪت ڪئي.

جُون 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو