گلشنِ حديد ۾ سنڌي ادب جي خدمت لاءِ تنقيدي ورڪشاپ: سليم العارف جي شاعري ۽ نثر تي ڀرپور خراج ۽ تجزيي

Spread the love

ملير ( ڊ ر)  سمورا اديب جيڪڏهن پنهنجي پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن جي تاريخ لکندا ته سنڌ جي ادب ۾ هڪ ناياب ذخيرو جمع ٿي ويندو. هن چيو ته اڄ تائين جيڪي به تاريخون لکيون ويون آهن جن تي ڪيترائي سواليا نشان لڳل آهن انڪري اسان سڀني سليم العارف جيان پنهنجن علائقن جو تاريخون لکڻ گهرجن. ڪهاڻيڪار ۽ شاعر علي راز شر سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد فيز ون پاران نامياري شاعري ۽ نثرنويس سليم العارف جي شاعري جي ڪتاب نئين سرنکريو نينهن ۽ نثر جي ڪتاب چنڊ چٽاڻو ۽ پاٻوهه تي منعقد تنقيدي ورڪشاپ ۾صدارتي خطاب ڪندي ڪيو.

هن چيو ته سليم العارف جي شاعري ۽ نثر ۾ فڪري گهرائي ۽ نواڻ ملي ٿي جڏهن ته سندس شاعري ڪلاسيڪيت ۽ جدت جو حسين امتزاج آهي. سندس شاعري ۾ فطرت جا رنگ نمايان نظراچن ٿا. نامياري محقق، شاعر ۽ نثرنگار ڊاڪٽرشيرمهراڻي مهمان خاص جي حيثيت سان ڳالهائيند چيو ته شاعري ته نالو ئي سوچ جي آزاديءَ جو آهي. شاعري نه سماج جي تابع آهي، نه مذهب ۽ فلسفي جي نه ڪو نفسيات شاعريءَ کي پنهنجي تابع ڪري سگهي آهي. شاعري رڳو حسن ۽ عشق کي مڃيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سليم العارف بنيادي طور تي رومانويت جو شاعر آهي ۽ رومانوي شاعر جو جوهر ۽ اهيمت ڪڏهن به ختم ناهن ٿيڻا. هن چيو ته مزاحمتي شاعري تيستائين اهم هوندي جيستائين مزاحمتي عنصر، جوهر ۽ مقصد گهربل هوندا ۽ مقصد پوري ٿيڻ کانپوءِ مزاحمت پاڻ هرتو ختم ٿي ويندي. تنقيدي ورڪشاپ کي خاص مهمان جي حيثيت سان ڳالهائيندي رکيل مورائي چيو ته سليم العارف پنهنجو ڪتاب چنڊ چٽاڻو پاٻوهه لکي سنڌ جي ٻن شهر پنگريو ۽ چمبڙ جي ٿورن لفطن ۾ هڪ اهڙي تاريخ لکي آهي جنهن جا انگ اکر پڙهي سچ پچ مونکي حيران ٿي آهي.

سچ پچ سليم العارف کي پنهنجي هنن مضمونن کي تفصيل ڏئي ڪتاب لکڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اهو ڪتاب هنن شهرن تي تاريخ جو اهم ڪتاب بڻجي پوندو.سنڏي ادبي سنگت گلشن حديد فيزون هي پروگرام ڪري سنڌي تنقيد جي ماٺ ٿي ويل تحرڪ کي وري جيئارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن لاءِ غوث پيرزادو گهڻو جس لهڻي. ڊاڪٽرايس ڪي ڪامراڻي چيو ته ادبي طور تي سليم العارف سنڌي ادب جو چمڪندڙ ستارو آهي جيڪو هڪ ئي وقت شاعر به آهي ته نثرنگار به آهي.

سندس لکڻين ۾ رومانويت، سماجي شعور ۽ فڪري گهرائي ملي ٿي. هن جو ادب رڳو تخليق ناهي پر اهوس سندس والد نامياري ادبي محمد حسين ڪاشف جي ادبي ورثي جو تسلسل پڻ آهي. هي ثقافتي منتقلي ۽ ثقافتي تسلسل جي سماجياتي تصورن جو هڪ بهترين مثال پڻ آهي، جتي علم ۽ ادب جو ورثو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿئي ٿو. هن موقعي تي نامياري شاعر مصطفيٰ نانگراج جو مقالو غوث پيرزادي پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ نانگراج چيو آهي ته سليم العارف جي ٻولي سادي ۽ معنيٰ خيز آهي.

فطرت جا استعارا، وايون، وڻ، رتون، مٽي وغيره ڏاڍي خوبصورتي سان علامتي طور استعمال ٿيل آهن. هن وڌيڪ لکيو آهي ته سليم العارف هر موضوع کي سڌي ريت پيش ڪرڻ بجاءِ علامتي، رمزياتي ۽ فنڪاراڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جيڪا ڳالهه پڙهندڙن کي ويچارڻ تي مجبور ڪري ٿي. نوجوان شاعر ۽ نقاد اي ڊي مهر ڳالهائيندي چيو ته شاعري جڏهن ڪنهن ساز جي اگهاڙي آواز کي تخيل جو لباس ڏئي ٿي ته ٻڌڻ وارن جي ڪنن کي راحت جو احساس ڏئي ٿي.

 شاعري لفظن جو ذخيرو ناهي نه وري شاعر واهه جو دان وٺڻ لاءِ لکندو آهي. سليم العارف جي ڪتاب ۾ پروف جون غلطيون ضرور آهن پر بي سبب مونکي مٿس تنقيد جو حق ناهي. شاعري صرف محبوبه جا والا نه پر وطن جو درد سامهون رکي لکندو آهي. نوجوان دانشور مجيب بگٽيءَ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سليم العارف پنهنجي شعر ۾ تخليقي قوت آڻيندي شاندار شاعري تخليق ڪئي آهي. سندس ٻولي ۽ خيال پختا ۽ اصلوب نهايت شانائتو آهي. وٽس لفظن جو بي بها خزانو آهي. سندس تخيلقي اڏار ۾ فطرت انڊلٺي رنگ موجود آهن.

 هن موقعي تي هن موقعي تي صاحب رهاڻ شاعر سليم العارف سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد فيز ون جا هن پروگرام منعقد ڪرڻ تي ٿورا مڃيندي چيو ته اسين ڪنڀار ماڻهو فطري لحاظ کان هنرمند هوندي به تخليقڪار هئڻ جي دعويٰ نه ٿا ڪري سگهون اسين ڪنهن تخليق تي دسترس رکڻ جا دعويدار نٿا ٿي سگهون. ڇاڪاڻ ته ادب ۽ هٿ جي هنر ۾ فني بنيادن تي وڏو ويڇو آهي،

تنهن هوندي به اسين ادب جي مختلف صفن تي طبع آزمائي ڪندي به انهن اڻپور وڇوٽين کي سرڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهيون جنهن ڪري اسان ۾ ادب ادب ۽ علم جو اتساهه وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم رهيو آهي. قادرمهر هن موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سليم جي شاعري جي ڪتاب ۾ غزل بيت ۽ نظم شامل آهن آئون هيڪر سليم کي نظم جو شاعر چوان منهنجي کيس اها به صلاح آهي ته هو نظم تي وڌيڪ ڌيان ڏئي، نظم سان نڀائڻ ڏکيو ڪم آهي پر سليم ان سان سٺو نڀايو آهي.

جُون 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو