ميمڻ ڳوٺ پريس ڪلب ۾ دعوتِ اسلامي طرفان نيڪي جي دعوتن جي تقريب، صحافين کي فيضانِ مدينه جي دوري جي دعوت

Spread the love

ملير(ڊر ) دعوت اسلامي جي ميڊيا ڊپارٽمينٽ جي زير انتظام ميمڻ ڳوٺ عوامي پريس ڪلب  ۾ نيڪي جي دعوتن جو هڪ سلسلي ۾ تقريب جو انعقاد ڪيو ويو

 جنهن ۾ دعوت اسلامي جي مبلغ شجاعت قادري درود شريف جي فضائل بيان ڪيو معاشري جي ڀلائي لاءِ ميڊيا جي ذريعي صحافين کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان پڻ اصلاح ڪئي ۽ صحافين کي وڌ کان وڌ نيڪ ڪمن ۾ حصو وٺڻ جي ترغيب ڏني.

 ان موقعي تي ملير جي صحافين کي عالمي مدني مرڪز فيضان مدينه ڪراچي جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني وئي

. دعوت اسلامي جي ميڊيا ڊپارٽمينٽ ڪراچي جي ذميوار اسلامي ڀائرن، شجاعت قادري محمود قادري ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب ميمڻ ڳوٺ دوري جي موقعي تي صدر قادر درس، عبدالغني قاضي ميمڻ ، سرور ميمڻ تنوير خاصخيلي، عنايت عثمان ۽ ٻين ميمبرن پاران وفد جو استقبال ڪيو ويو ۽ پريس ڪلب جي قيام جي مقصدن جي حوالي سان آگاه ڪيو

ان موقعي تي نيڪي جي دعوتن جو سلسلو پڻ منعقد ڪيو ويو

وفد پاران ملير جي صحافين کي هفتيوار سنتن سان ڀريل اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ عالمي مدني مرڪز فيضان مدينه ڪراچي جي دوري جي پڻ دعوت ڏني.

جنهن تي صدر قادر درس ۽ ٻين ميمبرن جلد ئي فيضان مدينه اچڻ جو نيڪ ارادو ظاهر ڪيو

اجتماع جي موقعي تي ملڪ پاڪستان سميت عالم اسلام جي بقا سلامتي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون وفد پاران صحافين کي مذهبي ڪتاب تحفي طور پيش ڪيا ويا.

عوامي پريس ڪلب ملير جي دوري جي موقعي تي، صدر قادر درس عبدالغني ميمڻ عالمي مدني مرڪز فيضان مدينه جي وفد کي سنڌ جي قديمي ثقافت اجرڪ جا تحفا پيش ڪندي ڀليڪار ڪيو.

جُون 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو