شهيد محترمه بينظير ڀٽو حقيقت ۾ بينظير ۽ تاريخ ساز شخصيت…

Spread the love

شرجيل انعام ميمڻ


سنڌ حڪومت جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ کاتي جو وزير 21 جون شهيد محترمه بينظير ڀٽو (شهيد بي بي) جو جنم ڏينهن آهي. هوءَ 21 جون 1953 تي ڪراچي ۾ سندس جنم ٿيو. ان ڏينهن سندس والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سندس ماءُ بيگم نصرت ڀٽو ۽ ڀٽو خاندان جشن ملهايو ھو . جنھن جو ذڪر شهيد ڀٽو ان خط ۾ تفصيل سان ڪيو آهي، جيڪو هن 21 جون 1978 تي شهيد بي بي کي سندس 25 هين سالگرهه جي موقعي تي راولپنڊي جيل جي ڪاري ڪوٺڙي ۾ ويٺي .کيس مخاطب ٿيندي لکيو ھو. اھو خط ڪتابي صورت ۾ “منهنجي سڀ کان پياري ڌيءَ” جي نالي سان شايع ٿي چڪو آهي.
ان خط ۾ شهيد ڀٽو ٻڌايو آهي ته شهيد بي بي تمام گهڻي رحمدل ۽ حساس طبيعت جي مالڪ هئي ۽ هڪ ڪبوتر جي مرڻ تي سڄو ڏينھن رني ھئي ۽ ماني نھ کاڌي ھئي. انهيءَ ئي ڌيءَ کي ھن سندس جنم ڏينهن تي “عوام جو هٿ” تحفي ۾ ڏنو ھو ۽ چيو ھو ته مون وٽ موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ سالگرھ جو ٻيو ڪو به تحفو ڏيڻ لاءِ ناهي. انتهائي رحمدل شهيد بي بي ان تحفي کي سنڀالڻ لاءِ دنيا جي سڀ کان بي رحم ۽ سنگدل استعماري قوتن جو مقابلو ڪيو ۽ صرف 54 سالن جي عمر ۾ پاڪستان ۽ ان جي ماڻهن لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي.
شهيد بي بي هڪ هنڌ لکي ٿي ته پنهنجي پيءُ جي ڦاھي کان هڪ ڏينهن اڳ آخري ملاقات ۾، هن سان مون واعدو ڪيو هو ته مان سندس مشن کي جاري رکنديس. شهيد بابا سان ڪيل ان واعدي کان پوءِ، شهيد بي بي 30 سالن تائين سخت جدوجهد ڪئي ۽ مرڻ گھڙي تائين سختيون ۽ ڏک ڀوڳيندي رھي. شهيد ڀٽو جو مشن ڇا هو؟ ان کي شهيد بي بي هڪ واضح پروگرام طور اڳتي وڌايو. اھو مشن جمھوريت جي ذريعي جمھور (عوام) کي سڀني فيصلن جو اختيار ڏيڻ ۽ پاڪستان جي رياست جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻائڻ هو ڇاڪاڻ ته شهيد ڀٽو اھو سمجھندو ھو تھ دفاعي طور تي ڪمزور رياست ۾ ڪڏهن به ڪا جمھوريت ۽ سياسي نظام نٿو وڌي ويجھي سگهي. شهيد ڀٽو جو اھو فلسفو ، پاڪستان تي تازي هندستاني جارحيت ۽ ايران تي اسرائيلي اڳرائي کان پوءِ، اڄ ماڻهن کي بهتر طور تي سمجه ۾ اچڻ لڳو آھي. جمهوريت ۽ رياست جي استحڪام لاءِ جدوجهد گڏ گڏ هلن ٿيون. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ان مشن کي جنهن طريقي سان اڳتي وڌايو، ان جو ڪو مثال نٿو ملي.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو دور پاڪستان جي سياست جي جمهوري قوتن سان گڏوگڏ خود پاڪستان جي سلامتي لاءِ خوفناڪ چئلينجن ۽ آزمائشن جو دور هو. شهيد بي بي نه رڳو ٻن فوجي آمرن خلاف جمهوري جدوجهد ڪري جمهوريت بحال ڪرائي پبلڪھ پاڪستان جي دفاع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ غير معمولي قدم به کنيا.
اڄ، سندس جنم ڏينهن تي ھي بھترين موقعو آھي تھ اسان شهيد بي بي جي انھن غير معمولي قدمن جو ذڪر ڪريون، جيڪي هن پاڪستان جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻائڻ لاءِ کنيا. سڄي دنيا تسليم ڪري ٿي ته شهيد ڀٽو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو سياسي معمار آهي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي موجوده ميزائل پروگرام جي سياسي معمار آهي. هن نه رڳو پنهنجي پيءُ جي ايٽمي پروگرام جي حفاظت ڪئي بلڪھ ان کي اڳتي بھ وڌايو. ان سان گڏوگڏ هن 1988 ۾ وزارت اعظميٰ سنڀاليندي ئي پاڪستان جي ميزائل پروگرام جي شروعات ڪئي.1974 ۾ جڏهن هندستان ايٽمي بم ڌماڪو ڪيو،تھ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام کي حتمي شڪل ڏني. 1988ع ۾ جڏهن هندستان پرٿوي ميزائل جو تجربو ڪيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام کي قابل عمل بڻايو. جيئن شهيد ڀٽو پنهنجي سفارتي صلاحيتن کي استعمال ڪندي فرانس ۽ ٻين ملڪن کان ايٽمي ٽيڪنالوجي حاصل ڪئي،اھڙي طرح شهيد بي بي پنهنجي سفارتي صلاحيتن کي استعمال ڪندي اتر ڪوريا ۽ چين کان ميزائل ٽيڪنالوجي حاصل ڪئي. 1989ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم جي حيثيت سان ميزائل ٽيڪنالوجي بورڊ قائم ڪيو. هن اتر ڪوريا کان ميزائل ٽيڪنالوجي، جي لاءِ بليو پرنٽ حاصل ڪيا ۽ بلڪھ پنهنجي ٻنهي حڪومتن ۾ ڪيترائي دفاعي معاهدا ڪيا. هن پنهنجي دور ۾ حتف ميزائل پروگرام شروع ڪيو ۽ ميزائلن جا ڪامياب تجربا ڪيا. شهيد بي بي چين سان دفاعي معاهدا ڪيا، جنهن ڪري پاڪستان کي اڄ دفاعي ٽيڪنالوجي ۾ هندستان تي ڪئين حوالن سان سرسي حاصل آهي. هندستان پنهنجي جارحيت سان پاڪستان کي نشانو بڻايو، جنهن جو پاڪستان به اھڙو جواب ڏنو. جو هندستان وري عرصي تائين ياد رکندو. شهيد بي بي، جي جنم ڏينهن جي موقعي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته پاڪستان جي دفاع کي مضبوط تر بڻائڻ جي لاءِ اسين سندس غير معمولي قدمن جو اعتراف ڪريون ۽ کيس سلام پيش ڪيون.
پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد سياسي جماعت آهي جنهن جي قيادت نه رڳو جمهوريت بلڪھ پاڪستان جي رياست جي سلامتي لاءِ پڻ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. پنھنجي جلاوطني دوران شھيد محترمھ بي نظير ڀٽو مارچ 2005ع ۾ واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته، “منهنجي بابا، ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو. مان اتر ڪوريا کان ميزائل ٽيڪنالوجي آندي، مون چين سان دفاعي ٽيڪنالوجي جا معاهدا ڪيا. مون کي چيو وڃي ٿو ته مان ئي پاڪستان لاءِ ٻين ملڪن کان جديد ھٿيار آڻي سگهان ٿي، مان ئي آمريڪا کان ايف 16 ۽ فرانس کان ميراجا جھاز آندا..پر ھنن مون سان ڇا ڪيو.اھو سڄي دنيا ڄاڻي ٿي. پر سڀني تڪليفن جي باوجود، اسان پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد تان ھٿ نه کڻنداسين ۽ پاڪستان جي سلامتي ۽ دفاع کي مضبوط ڪرڻ جي مشن کان نه هٽنداسين. اسان پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ جيئون ٿا ۽ مرون ٿا.مان جلاوطني ۾ به، حڪمرانن کان وڌيڪ پاڪستان لاءِ سفارتڪاري ڪري رهي آهيان.”
شهيد بي بي پنهنجي عملن ذريعي، پنهنجي شهيد بابا جي مشن کي چٽي نموني اڳتي وڌايو. پاڪستان جي عوام جي جمهوري حقن ۽ پاڪستان جي رياست جي سلامتي جو اھو مشن هو. اڄ، ان ئي مشن کي پاڪستان، شهيد بي بي جي جگر جي ٽڪري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين طلاو ڀٽو زرداري اڳتي وڌائي رهيو آهي. جنھن طريقي سان سفارتي محاذ تي پاڪستان جي فتحن جا جهنڊا بلند ڪري رهيو آهي. هي شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي جي مشن جي بنيادي ايجنڊا آهي.
اڄ، شهيد بي بي جي 72 هين سالگرهه تي، اسان کي سندس گھڻي ڪمي محسوس ٿي رھي آھي. غالب جي بقول “ايسا ڪھان سي لائون ڪھ تجھ جيسا ڪھين جسي “. شهيد بي بي چوندي هئي ته ڪنھن شخص کي قيد يا جلاوطن ڪري سگهجي ٿو، پر نظرئي کي نٿو ڪري سگھجي.
اسان ان ڳالھھ کي هن طرح اڳتي وڌائي رهيا آهيون ته ڪنھن شخص کي قيد، جلاوطن يا قتل ڪري سگهجي ٿو، پر نظرئي کي نٿو ڪري سگھجي. شهيد بي بي پاڪستان ۽ ان جي ماڻهن لاءِ انتقام جي بدران ،مفاھمت جو نظريو ڏنو جيڪو هميشه زنده رهندو.

جُون 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو