72هين سالگره جي موقعي تي جمهوريت جي شهزادي شهيد محترمه جو جنم
نظير احمد قريشي
پاڪستان جي تاريخ ۾ 21 جون هڪ اهم ڏينهن آهي. هن ڏينهن تي دنيا جي عظيم اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ٿيو. ان ڪري ئي هي ڏينهن نه صرف جنم جي لحاظ کان پر پاڪستان جي سياست جو پڻ اهم ڏينهن آهي. شهيد راڻي نه صرف پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم هئي، پر اسلامي دنيا جي به پهرين چونڊيل عورت حڪومتي سربراهه پڻ ٿي. سندس زندگي جدوجهد، قرباني، بهادري، اصولن سان وابستگي، ۽ عوامي خدمت سان ڀرپور رهي.
محترمه محترمه بينظير ڀٽو، 21 جون 1953ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿي. هوءَ ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي هئي، جيڪو پاڪستان جو وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو باني هو. محترمه بينظير ڀٽو ابتدائي تعليم پاڪستان مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا ۽ برطانيا وئي. هن هارورڊ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي ۽ پوءِ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان فلسفي، سياسيات ۽ اقتصاديات ۾ ڊگريون حاصل ڪيون. تعليم دوران ئي هن ۾ قيادت، تجزيو ڪرڻ، ۽ عالمي حالتن کي سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ٿي.
محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي زندگيءَ جو اصل آغاز ان وقت ٿيو، جڏهن سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو کي مارشل لا واري دور ۾ گرفتار ڪيو ويو. هن پنهنجي پيءُ جي آزادي لاءِ آواز بلند ڪيو ۽ آمريت جي خلاف جرئت سان سامهون آئي. جنرل ضياءُ الحق جي دورِ آمريت ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي بار بار جيل ۽ نظربنديءَ برداشت ڪرڻي پئي، پر هوءَ ڪڏهن به پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽي. 1988ع ۾، محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي اليڪشن کٽي وئي ۽ هوءَ پاڪستان جي، ۽ اسلامي دنيا جي، پهرين عورت وزيراعظم بڻجي وئي؛ هن جو وزيراعظم ٿيڻ عورتن لاءِ نه رڳو فخر جو لمحو هو پر اها هڪ علامتي تبديلي هئي، جنهن ڏيکاري ڇڏيو ته پاڪستاني عورت به سياسي ۽ اداري سطح تي اڳواڻي ڪري سگهي ٿي، محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ ڪيترائي ترقياتي قدم کنيا ويا، خاص طور تي: عورتن جي تعليم ۽ روزگار لاءِ منصوبابندي، صحت جي شعبي ۾ بهتري، ميڊيا کي آزادي، بيروزگاري خلاف پروگرام، نوجوانن لاءِ اسڪيمون وغيره. هوءَ عوامي وزيراعظم سڏبي هئي ڇاڪاڻ ته عام ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ ڪڏهن به پوئتي نه هٽي.
محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت 1990ع ۾ ختم ڪئي وئي، پر هوءَ نااميد نه ٿي. 1993ع ۾ ٻيهر وزيراعظم چونڊي وئي. ٻي حڪومت ۾ به کيس سياسي مخالفت، انتظامي رڪاوٽون ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ جي مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو. هن جي گهڻي محنت باوجود 1996ع ۾ سندس حڪومت ٻيهر ختم ڪئي وئي. ٻين حڪومتن جي دور ۾ محترمه بينظير ڀٽو تي ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا، جيڪي گهڻو ڪري سياسي نوعيت جا هئا. کيس ملڪ ڇڏڻو پيو، پر پرڏيهي ملڪ ۾ هجڻ باوجود پاڪستان جي مسئلن تي آواز اٿاريائين. سندس وطن سان محبت ۽ عوام سان وابستگي ڪڏهن به گهٽ نه ٿي. اهو ئي سبب جو جو سال 2007ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو وطن واپس آئي ته سڄي ملڪ ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي. هوءَ چاهيندي هئي ته پاڪستان مان دهشتگردي جو خاتمو ٿئي، جمهوريت بحال ٿئي ۽ غريبن کي حق ملي. پر بدقسمتيءَ سان، 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي ۾ هڪ عوامي جلسي دوران کيس دهشتگردن نشانو بڻايو. سندس شهادت نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا لاءِ صدمو هئي. هاڻي جڏهن هو جسماني طور اسان جي وچ ۾ ناهي ته هن جا خيال موجود آهن. انهيءَ ڪري سال جي هن وڏي ڏهاڙي يعني 21 جون تي سڄي ملڪ ۾ شهيد راڻيءَ جي سالگرهه ملڪ ۾ احترام سان ملهائي ويندي آهي. جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، جي ڪارڪنن کان وٺي عام شهرين تائين، سڀ سندس خدمت، بهادري ۽ قربانين کي خراج پيش ڪندا آهن. هي ڏينهن صرف جنم ڏينهن نه آهي، بلڪه هڪ ياد ڏياريندڙ لمحو آهي ته ڪيئن هڪ عورت، پنهنجي اصولن لاءِ بي ڌڙڪ وڙهي، آمريت جي خلاف آواز اٿاريو، ۽ جمهوريت لاءِ جان جو نذرانو ڏنو. انهن موقعن تي جلسا، سيمينار، تقريبون ۽ ميڊيا تي پروگرام منعقد ٿين ٿا، جتي سندس سياسي فلسفي، عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد، ۽ پاڪستان لاءِ خوابن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي آهي.
محترمه بينظير ڀٽو صرف هڪ سياستدان نه هئي، هوءَ عورتن جي لاءِ حوصلي، اميد ۽ عزت جي علامت هئي. سندس وزيراعظميءَ جو دور عورتن لاءِ موقعن جو دور هو. هوءَ عورتن کي تعليم، صحت، روزگار ۽ سياسي نمائندگي ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ پرعزم هئي. هوءَ چوندي هئي: ”عورتون اڌ کان وڌيڪ آبادي آهن، انهن کي ڪنڊن ۾ بيهارڻ بجاءِ اڳتي آڻڻ گهرجي.“ سندس سياسي زندگي ڪيترين ئي نوجوان ڇوڪرين لاءِ روشني آهي، خاص طور تي انهن لاءِ جيڪي سماج جي خراب روين خلاف وڙهي اڳتي وڌڻ چاهين ٿيون.
محترمه بينظير ڀٽو جي سالگره اسان لاءِ صرف خوشيءَ جو ڏينهن نه آهي، پر اهو ڏينهن آهي سوچڻ، سکڻ، ۽ عهد ڪرڻ جو. عهد ته اسان جمهوريت، انساني حقن، تعليم، عورتن جي برابري، ۽ پرامن پاڪستان لاءِ ڪم ڪنداسين. هوءَ اسان کان وڇڙي ته وئي آهي، پر سندس سوچ، فلسفو، ۽ قربانيون سدائين زندهه رهنديون. جيئن هوء چوندي هئي: ”مان عوام جي طاقت تي يقين رکان ٿي. جيڪڏهن مون کي شهيد ڪيو ويو، ته منهنجي رت مان هزارين بينظير جنم وٺنديون.“ بيشڪ، هوءَ شهيد ٿي، پر سندس نالو، سندس ڪم، ۽ سندس احترام محنت محبت سدائين زنده رهندي. شهيد راڻيءَ جي سالگره اسان لاءِ هڪ موقعو آهي ته نه صرف کيس خراج تحسين پيش ڪريون، پر سندس مشن کي اڳتي وڌايون. هوءَ جمهوريت، قرباني، وفاداري ۽ عوامي خدمت جي علامت هئي. اچو ته هن ڏينهن تي عهد ڪيون ته اسان سندس رستي تي هلنداسين، ۽ پاڪستان کي انهن خوابن مطابق ٺاهينداسين، جيڪي محترمه بينظير ڀٽو ڏٺا هئا.