سلمان خان ٽن سنگين بيمارين ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان ڪيترين ئي بيمارين جو انڪشاف ڪري مداحن کي حيرت ۽ صدمي ۾ وجهي ڇڏيو.
سلمان خان تازو ”دي گريٽ انڊين ڪپل شو“ ۾ شرڪت ڪئي، جتي ميزبان ڪپل شرما کانئس شادي نه ڪرڻ بابت پڇيو، جنهن تي سلمان خان جواب ڏنو ته اسان روز هڏيون ڀڃرائي رهيا آهيون، پاسيريون ڀڄي پيون آهن، ٽريجمنل نيورالجيا سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون، دماغ ۾ انيورزم آهي، ان باوجود ڪم ڪري رهيا آهيون، اي وي مالفارميشن به آهي، پوءِ به هلي رهيا آهيون.
سلمان خان جن بيمارين جو ذڪر ڪيو، اهي سڀئي خطرناڪ ۽ موتمار آهن، جنهن کانپوءِ سندس مداح ڳڻتيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
ٽريجمنل نيورالجيا چهري جي هڪ اهڙي تڪليف ڏيندڙ بيماري آهي، جنهن ۾ چهري جي رڳن ۾ سخت بجلي جي جهٽڪن جهڙو سور ٿيندو آهي.
انيورزم دماغ جي رڳ ۾ هڪ ڪمزور جاءِ هوندي آهي، جيڪا سُڄي ويندي آهي، جيڪڏهن اها ڦاٽي پئي ته اڌ رنگ ۽ موت جو ڪارڻ به بڻجي سگهي ٿي.
اي وي مالفارميشن دماغ يا ڪرنگهي جي هڏي ۾ رت جي رڳن جو غير معمولي طور ملڻ آهي، جيڪو اڪثر خاموشي سان وڌندو آهي ۽ اوچتو رت وهڻ يا دورن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي.