سکر: سوئي سدرن گئس پاران صارفين کي 40 کان 50 هزار جا واڌو بل، واپاري ۽ گھريلو صارف پريشان، وزارت پيٽروليم کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

Spread the love

سکر(بيورورپورٽ) سکر ۾ بجلي جي بلن ۾ ڊڊيڪشن ۽ واڌو بل ڏيڻ کانپوء سوئي سدرن گئس ڪمپني سکر به سيپڪو جي نقشي قدم تي هلندي گئس صارفين کي جون واري اماڻيل بلن ۾ 30 هزارن کان وڌيڪ جا سلو ميٽر چارجز لڳائي غريب صارفين کي 40 کان پنجاھ ھزارن جا بل موڪلڻ جو انڪشاف جنهن سبب واپاري برادري سميت هگريلو صارف پريشاني جو شڪار بڻجي ويا ان ۾ گزريل ڏينهن سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ڊپٽي جنرل مئنيجر عزيز الرحمٰن ابڙو ايوان صنعت و تجارت آفيس جو دورو ڪيو ته صنعتڪارن ۽ واپاري اڳواڻن ڊپٽي جنرل مينيجر آڏو گئس بِلز ۾ سلو ميٽر چارجز،

 ڊڊيڪشن ۽ بند گهرن جي واڌايل بلن بابت شڪايتون پيش ڪيون ويون جنهن تي ڊپٽي مينيجر لاڳاپيل اختيارن وٽ سندن شڪايتن کي پهچائڻ جي خاطري ڪرائي۔هوڏاهن سکر واسين جو چوڻ آھي ته سوئي گئس وارا به سيپڪو جيان گئس صارفين کي مختلف طريقن سان پريشان ڪن پيا جون جي مهيني ۾ سلوميٽر جارجز جي مد ۾ ھزارين رپيا لڳائي واڌو بل موڪلي غريبن جا ڪپڙا به وڪرو ڪرڻ تي مجبور پيا ڪن اڳ ئي مهانگائي عوام جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آھي ته ويتر گئس وارن به گهٽايو ناهي غريب وڃي ته ڪاڏي وڃي ڪنهن در داهن ڏي رب کان سواء ڪوبه در ناهي بچو۔سکر واسين وزارت پيٽروليم ۽ ٻين اختيارن کي نوٽس وٺندي رليف ڏيڻ جي گهر ڪئي آھي۔

جُون 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو