پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ سکر پاران شهيد بينظير ڀٽو جي 72هين سالگره تي خراجِ عقيدت،
سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي سکر ليڊيز ونگ پاران جهموريت جي علمبردار، اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 72هين سالگره جي موقعي تي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ نثار احمد صديقي ٽائون سکر ۾ پارٽي جي آفيس تي هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي.ان تقريب ۾ پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ ضلعي سکر جي صدر قمرالنسا ڦلپوٽو، سٽي صدر ناهيد سومرو، جنرل سيڪريٽري عزرا جمال، الماس، شهناز، فرح، شازيه سميت ليڊيز ونگ جون سوين ڪارڪن عورتون وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب دوران شهيد بينظير ڀٽو جي سياسي جدوجهد، جهموريت جي واڌاري ۽ عورتن جي حقن لاءِ ڏنل بي مثال خدمتن تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو ۽ محترمه جي قربانين کي ياد ڪندي دعائون گهريون ويون.تقريب کي خطاب ڪندي ضلعي صدر قمرالنساء ڦلپوٽو چيو ته شهيد بينظير ڀٽو نه رڳو پاڪستان پر سموري دنيا جي عورتن لاءِ هڪ روشن ۽ باوقار مثال رهيون آهن. هوءَ جهموريت،
آئين جي بالادستي ۽ عوام جي حقن لاءِ هميشه آواز اٿاريندڙ بهادر اڳواڻ هيون.هن وڌيڪ چيو ته بينظير ڀٽو شهيد جي 72هين سالگره جي موقعي تي اسان عزم ورجايون ٿا ته سندس مشن کي پايهٔ تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين.قمرالنساء ڦلپوٽو چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري محترمه شهيد جو مشن کڻي اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ اسان ليڊيز ونگ جون ڪارڪن عورتون سندس اڳواڻيءَ ۾ قدم سان قدم ملائي ترقي يافته،
جهموري ۽ برابريءَ تي ٻڌل سماج جي تعمير لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.تقريب جي پڄاڻي تي محترمه بينظير ڀٽو جي مغفرت، ملڪ جي سلامتي، ترقي، ۽ پارٽي جي مضبوطيءَ لاءِ خاص دعا پڻ گهري وئي.
جُون 21, 2025