ڇور ۾ قديمي قبرستان تي زبردستي قبضي خلاف شھرين جو احتجاج، ڌرڻو ۽ روڊ بند

Spread the love

ڇور  (رپورٽ : لالجي سوڍو ) ڇور شھر ۾ قديمي قبرستان اندر بااثر پاران زبردستي قبضو ڪرڻ خلاف شھرين جو ڇور ڍورونارو روڊ ته ٽائر ساڙي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو جنھن سبب ڍورونارو نيوڇور کوکراپار ۽ ٻين شھرن ڏانھن ٽرئفڪ معطل رھي ان موقعي ته مظاھرين خطاب ڪندي سومار نھڙي مولوي دائم اڪبر علي نھڙي شيراز رانگڙ اڪرم راجپوت اقبال سومرو ۽ ٻين چيو ته ڇور شھر ۾ قائم قديمي قبرستان اندر خالي پيل پلاٽ ته ڪجھ بااثر ماڻھن پاران زبردستي قبغو ڪري اڏاوت ڪرڻ جي ڪوشس ڪري رھيا آھن جيڪا شھرين سان وڏي ناانصافي آھي

 اسان اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ھنن چيو ته اسان انتظاميا کان اپيل ڪريون ٿا ته فورن اھڙن قبرستان جي زمين ته قبضا ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري فورن قبضو ختم ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ ھلائي شھر ۾ ھڙتال ڪئي ويندي ان بعد ڌرڻي واري ھنڌ ته ايس ايڇ او ڇور پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري يقين ڌياني ڪرائي ته قبغا ڪندڙ خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ قبغو خالي ڪرايو ويندو جنھن بعد شھرين ڌرڻو ختم ڪيو

جُون 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو