ڄامشورو ۾ حددخلين خلاف آپريشن، سينڊوز روڊ تان ڇپر ۽ ريڙھيون هٽايون ويون، سياسي ڀتاخورن خلاف ڪاروائي جو مطالبو
ڄامشورو (رپورٽ : محمد وارث) ڄامشورو شھر جي سونھن وڃائندڙ ۽ عوامي آزار حددخليون خلاف نيٺ سرڪار جاڳي پئي سينڊوز روڊ تان حددخليون ھٽايون ويون ڪيترائي دوڪانن اڳيان وڌيل ڇپر دڪا ڊاھي پٽ ڪيا ويا سياسي ماڻھن جا سياسي اڳواڻن ڏانھن فون ڪري انھن کان وڌيل حددخليون نـ ھٽائڻ لاء منٿو ڪيون ويون
ڄامشورو شھر ۾ وڌيل حددخليون ۽ پل جي سروس روڊن تي توڙي روڊن ڪنارن سان بٺيل ريڙھن وارن جا سياسي ماڻھن جا واسطا ھجڻ ڪري ريڙھن جي آڙ ۾ ڀتاخوري ڪئي پئي وڃي اھي ڀتاخور انھن ريڙھن کان روزانو جي بنياد تي ڀتو وصول ڪري رھيا آھين اھي سياسي ماڻھو سياسي بنلگلن تي وڃي انھن قبضا مافيا کي انھن ريڙھن وارن کي مسڪين ريڙھي وارو چئي ان جي جان پنھنجي ڀٿي جي بچاء لاء ڇڏايو وڃي ٿي پر افسوس آھي تـ ڪافي پل جي ھيٺان ريھڙن تي ڪاروبار ڪندڙ پورھيت آھن جيڪي پل جي ھيٺان روزگار ڪن ٿا روڊ تي بيھي روزگار جو جواز ڄاڻائي اھي ڀتاخور ماڻھو آھن انھن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي شھري سڄاڻ ڌريون
ڄامشورو جي ساڃاھ وندن سڄاڻ ڌرين سرڪاري اھڙي ڪاروائي جي آجيان ڪئي آھي ۽ مطالبو ڪيو آھي ھٽايل حددخلين کانپوء ٻھير ان تي اڪٿي وڌڻ نـ ڏنو وڃي اتي ٽائون ڪاميٽي عملي ۽ پوليس کي مقرر ڪيو وڃي تـ جئين وڌيڪ اڳتي حدد خليون نـ وڌي سگھن
جُون 21, 2025