ايران جا اسرائيل تي حملا، عالمي برادري جنگ بندي جي اپيل ڪري ڇڏي

Spread the love

تهران/تل ابيب/نيويارڪ(م ڊ) ايران هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيل جي ڏاکڻي شهر بيرشيبا تي بيلسٽڪ ميزائلن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن سبب علائقي ۾ وڏي مالي نقصان جا اطلاع آهن، حملي دوران ڪيترين ئي گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي، جڏهن ته مائڪرو سافٽ آفيس ويجهو به وڏي پئماني تي باهه لڳي وئي آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب،

تازو حملو جمعي جي صبح ڪيو ويو، جتي هڪ ايراني ميزائل بيرشيبا جي رهائشي علائقي ۾ ڪري پيو، حملي جي نتيجي ۾ ويجهين عمارتن، گاڏين ۽ بنيادي ڍانچي کي شديد نقصان رسيو، جيتوڻيڪ ڪو به جاني نقصان رپورٽ نه ٿيو آهي، پر مالي لحاظ کان صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.

ايمرجنسي سروس ميگن ڊيوڊ ايڊم ٻڌايو ته حملي کان ترت پوءِ فائر برگيڊ ۽ ريسڪيو ٽيمون متاثر علائقي ۾ پهچي ويون ۽ باهه وسائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو. اسرائيلي فوج پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سندن انٽرسيپٽر دفاعي نظام ۾ فني خرابي سبب ميزائل کي روڪڻ ۾ ناڪامي ٿي، جنهن ڪري نقصان ٿيو. وچ اوڀر ۾ تڪرار جي نئين مرحلي ۾ اسرائيل ايران جي راڄڌاني تهران تي ٻيهر ڊرون حملو ڪري ڇڏيو.

حملو گيشا واري علائقي ۾ هڪ رهائشي عمارت جي اپارٽمينٽ تي ڪيو ويو، جڏهن ته اسرائيلي فوجن ايران جي ميزائل لانچ پليٽفارم کي به نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ايراني ڪمانڊر شهيد ٿي ويو. ذريعن موجب، اسرائيلي فورسز ميزائل لانچ پليٽفارم کي خاص هدف بڻايو، جنهن ۾ هڪ ايراني ڪمانڊر شهيد ٿي ويو. ايراني اختيارين هن حملي کي “جارحيت جي نئين لهر” قرار ڏيندي عالمي برادري کان ترت ردعمل جو مطالبو ڪيو آهي.

آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين اسرائيلي حملي ۾ نشانو بڻايل ايران جي سرڪاري ٽي وي جي عمارت جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي. ڪجه ڏينهن اڳ اسرائيل پاران تهران تي ٿيل حملن دوران ايران جي سرڪاري ٽي وي چينل جي عمارت کي نشانو بڻايو ويو، جنهن سبب عمارت کي وڏو نقصان رسيو. هوڏانهن گڏيل جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس خبردار ڪيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ دنيا کي بحران ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي.

سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران خطاب ڪندي گوتريس چيو ته هن تڪرار جي وڌڻ سان اهڙي باهه ڀڙڪي سگھي ٿي، جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ناممڪن ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته موجوده ڇڪتاڻ جو مُک نقطو ”جوهري مسئلو“ آهي. گوتريس وڌيڪ چيو ته ايران ڪيترائي ڀيرا واضح ڪيو آهي ته هو جوهري هٿيار نٿو ٺاهڻ چاهي،

پر اچو ته اهو به مڃيون ته ان معاملي ۾ اعتماد جي کوٽ آهي. سيڪريٽري جنرل ڌرين کي اپيل ڪئي ته هو ويڙهه بند ڪن ۽ سنجيده سفارتي ڳالهين ڏانهن واپس اچن.

جُون 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو