فيلڊ مارشل جو ٽرمپ کي ايران خلاف اتحاد جو حصو بڻجڻ کان انڪار

ڪراچي (ويب ڊيڪس) پاڪستان جي اعليٰ سيڪيورٽي ذريعن مطابق فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران علائقائي سلامتي، ٻه طرفي لاڳاپن، ايران-اسرائيل ڇڪتاڻ ۽ پاڪ-ڀارت تڪرارن تي ڳالهه ٻول ٿي. ملاقات جي شروعات ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تازين ڇڪتاڻ کان ٿي، جنهن ۾ ڪشمير ۽ پاڻيءَ بابت تڪرارن کي تفصيل سان بحث هيٺ آندو ويو.
آمريڪي صدر مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته آمريڪا سفارتي سطح تي هن معاملي کي سنجيدگيءَ سان وٺندو. سندن ساڻ گڏ موجود ٽيم به صدر ٽرمپ کي بريفنگ ڏيندي واضح ڪيو ته ڀارت جي طرفان انهن معاملن ۾ حقيقي رڪاوٽون ڪٿي آهن. ايران بابت ڳالهه ٻولهه دوران جنرل عاصم منير ۽ پرڏيهي وزارت جي هڪ سينئر آفيسر هڪ جامع بريفنگ ڏني،
جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته جيتوڻيڪ پاڪستان کي به ايران سان ڪجهه شڪايتون آهن، پر هو ايران جي خلاف ڪنهن ٻئي جي جنگ جو حصو نه بڻجندو. پاڪستان اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي ته جيڪڏهن ايران خلاف جنگ ٿئي ٿي، ۽ اتي “رجيم چينج” جهڙن مقصدن تائين معاملو وڃي ٿو ته ان جا نتيجا پاڪستان لاءِ سخت مشڪلات جو سبب بڻجندا. هن امڪاني جنگ ۾ پاڪستان جو ڪردار ڇا هوندو؟ هن موضوع تي سڀ کان وڌيڪ ۽ ڊگهي ڳالهه ٻولهه ٿي. پاڪستاني وفد واضح ڪيو ته موجوده حالتن ۾ پاڪستان جون سڀ توانايون پنهنجي اندروني صورتحال کي بهتر بڻائڻ تي آهن، ڀارت طرفان مستقل خطرو موجود آهي،
جيڪو ناقابلِ اعتماد آهي. حيران ڪن طور تي آمريڪي صدر ۽ سندن ٽيم پاران پاڪستان تي ايران خلاف ڪنهن به اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جو ڪو به دٻاءُ نه وڌو ويو، جيڪو ڪيترن سوالن کي جنم ڏئي ٿو. ممڪن آهي ته آمريڪا يا ته هن جنگ ۾ پاڪستان جي ضرورت نه ٿو سمجهي، يا کين شڪ آهي ته پاڪستان اندروني سطح تي گهربل حمايت فراهم نه ڪري سگهندو. يا وري ممڪن آهي ته ڪنهن وڏي حڪمتِ عمليءَ تحت هن وقت لاءِ هن موضوع تي کلي ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو ويو هجي.
افغانستان جي معاملي ۾ پاڪستان جي ڪجهه ڪردارن سبب به آمريڪا هاڻي محتاط رويو اختيار ڪري رهيو آهي. دهشت گرديءَ خلاف گڏيل ڪوششن تي به خاصي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ۽ امڪان آهي ته جلد ئي حڪومت جي سطح تي ڪي اهم معاهدا طئي ٿي سگهن ٿا. ملاقات دوران چين سان پاڪستان جي لاڳاپن تي به بحث ٿيو، جنهن تي پاڪستاني وفد زور ڀري چيو ته بيجنگ سان اسان جي ويجهي قربت بقا جي ضمانت آهي
واپاري ۽ معاشي سهڪار بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي، ۽ ڪجهه اهم سرڪاري معاهدن جو جلد سامهون اچڻ متوقع آهي.تنهن هوندي به هن ملاقات تي تنقيد به سامهون آئي آهي، خاص طور تي هن ڳالهه تي ته هڪ اهم سفارتي دوري ۾ سياسي حڪومت جي غير موجودگيءَ سان پاڪستان جي جمهوري نظام جو منفي تاثر پيدا ٿئي ٿو.
جُون 21, 2025