آئيني بئنچ ۾ واڌ واري معاملي تي جسٽس منصور جو خط سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ واڌ واري معاملي تي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه جو خط سامهون اچي ويو آهي.
جسٽس منصور طرفان اِهو 19 جون جي اجلاس کان اڳ لکيو ويو هو، جنهن ۾ هن آئيني بينچ ۾ واڌ جي مخالفت ڪئي هئي.
خط جو متن جڊيشل ڪميشن جي ميمبرن ڏانهن موڪليو ويو.
خط ۾ لکيو ويو آهي ته 26هين آئيني ترميم واري ڪيس جي فيصلي تائين بينچ ۾ واڌ نه ڪئي وڃي.
هن لکيو ته مون اڳواٽ اطلاع ڏني هئي ته 19 جون واري اجلاس لاءِ پاڪستان ۾ موجود نه آهيان، اميد هئي ته منهنجي غير موجودگي سبب اجلاس ملتوي ڪيو ويندو، جيئن اڳ به ايگزيڪٽيو ميمبرن جي غير موجودگي تي اجلاس ملتوي ٿيندو رهيو آهي، عدليا جا ميمبر اقليت ۾ آهن، تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته اجلاس ملتوي نه ٿي سگهيو.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 26هين ترميم جي فيصلي کان اڳ واڌ ادارتي بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائيندي ۽ هي تڪرار عدليا جي ساک ۽ عوامي اعتماد کي سخت متاثر ڪري رهيو آهي.
خط جي متن موجب، 26هين ترميم جي فيصلي تائين سڀني ججن کي آئيني بئنچ قرار ڏنو وڃي ۽ آئيني بئنچ ۾ شموليت جو معيار ۽ طريقيڪار به واضح ڪيو وڃي.