ايران-اسرائيل جنگ، حڪومت تيل ڪمپنين کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايران-اسرائيل تڪرار جي تناظر ۾ وفاقي حڪومت ملڪ ۾ امڪاني تيل جي کوٽ کان بچڻ لاءِ سڀني آئل ڪمپنين کي فوري طور تي تيل جو اسٽاڪ محفوظ ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.
حڪومت طرفان 14 ڪروڙ ليٽر پيٽرول فوري طور گهرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
اوگرا طرفان آئل ڪمپنين کي لکيل خط ۾ 20 ڏينهن جو تيل ذخيرو رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
اوگرا هدايت ڪئي آهي ته موجوده علائقائي صورتحال سبب سڀ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون تيل جو ذخيرو يقيني بڻائن.
پي ايس او اختيارين موجب، حڪومتي هدايتن کانپوءِ پي ايس او اٽڪل 7 ڪروڙ ليٽر جو هنگامي ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي، تيل کڻندڙ جهاز 10 ڏينهن اندر ڪراچي پورٽ تي پهچندو.
پي ايس او اختيارين جو چوڻ آهي ته جيڪو جهاز 6 جولاءِ تي پهچڻ وارو هو، ان کي 26 جون تي پهچڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
پي ايس او موجب، پهرين جولاءِ تائين ملڪ ۾ 14 ڪروڙ ليٽر واڌو تيل موجود هوندو، صورتحال جي نظر ۾ رکندي وڌيڪ هنگامي ٽينڊر جاري ٿي سگهن ٿا.