سوئي سدرن گيس جي ڊپٽي جنرل مئنيجر جو سکر ايون آف صنعت و تجارت جو دورو
سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ڊپٽي جنرل مئنيجر عزيز الرحمٰن ابڙو سکر ايون آف صنعت و تجارت جو دورو ڪيو، جتي هن صدر محمد خالد ڪاڪيزئي، سينيئر نائب صدر اُميت ڪمار ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقات ڪئي۔ان موقعي تي هن ٻڌايو ته حڪومت طرفان نون گيس ڪنيڪشنز بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کانپوءِ،
اڳ ۾ داخل ٿيل درخواستن کي ترجيحي بنيادن تي عملدرآمد ڪيو ويندو۔ هن وڌيڪ چيو ته شهر جي اڪثر علائقن ۾ پراڻين گيس لائنن کي نئين لائنن سان تبديل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي رهيل علائقن ۾ به هي ڪم تيزي سان جاري آهي، جنهن کان پوءِ گيس جو پريشر معمول مطابق بحال ٿي ويندو۔ڊپٽي جنرل مئنيجر شرڪاءَ طرفان گيس چارجز ۾ گهٽتائي بابت ڏنل تجويزن کي سنجيدگي سان ٻڌندي، ان بابت سفارشون اوگرا ۽ اعليٰ اختيارين تائين پهچائڻ جي خاطري ڪرائي ۽ هر ممڪن سهڪار جي پڻ خاطري ڪرائي۔
هن هدايت ڪئي ته گيس لوڊشيڊنگ جو مجوزي شيڊول لکت صورت ۾ مهيا ڪيو وڃي، گوليمار جي ڪمرشل ڪنيڪشنز کي انڊسٽريل ۾ تبديل ڪرڻ ۽ معطل ٿيل ڪنيڪشنز جي بحالي لاءِ درخواستون جمع ڪرايون وڃن ته جيئن بروقت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي۔ان موقعي تي پبلڪ رليشنز افيئرس ڪميٽي جي ڪنوينر شاهد خان ۽ ٻين شرڪاءَ طرفان بِلز ۾ سلو ميٽر چارجز، ڊيٽڪشن ۽ بند گهرن جي واڌايل بلن بابت شڪايتون پيش ڪيون ويون۔
جن جي فوري ازالي لاءِ عزيز الرحمٰن ابڙو موقعي تي ئي زونل مئنيجر جے ڪمار چاولا، ضلعي مئنيجر آفتاب احمد مهيسر ۽ ڊسٽرڪٽ انجنيئر صهيب شيخ کي ضروري هدايتون جاري ڪيون۔
جُون 20, 2025